17 ہفتہ , نومبر 2018

عوام جي بنيادي حقن کي يقيني بڻايو وڃي

                         سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽريءَ ۾ ڪالهه عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال، اسپتالن جي بدترين صورتحال، هوائي اڏن تي مسافرن جو سامان گم ٿيڻ، ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ رستي تي هلندڙ اسڪول توڙي شاهزيب قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اهي ڪيس چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽن ميمبرن واري بينچ ٻڌا. بينچ ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه به شامل هئا.

روڊ رستي رهلندڙ اسڪول بابت ڪيس ٻڌندي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته بنيادي حقن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، هن چيو ته عوام جي بنيادي حقن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته بنيادي انساني حقن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته کيس پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو ڪو شوق ناهي. هڪ سال تائين خاموش رهيو، جڏهن ڏٺائين ته عوام جو ڪو ڀرجهلو ڪونهي ته پوءِ پاڻ مرادا نوٽيس ورتائين. هن سنڌ اندر 4530 اسڪولن ۾ پاڻيءَ جي سهولت نه هئڻ تي به افسوس ظاهر ڪيو.

ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سيڪريٽري صحت کي حڪم ڏنو ته اسپتالن ۾ هر قسم جون سهولتون ميسر ڪري ڏنو وڃن. هن صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت ڪيس ٻڌندي حڪم ڏنو ته سيد آصف حيدر شاهه کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ مقرر ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ گندگي جي صورتحال تي به افسوس جو اظهارو ڪيو ۽ چيف جسٽس واضح لفظن ۾ چيو ته کيس ڪنهن جي معاملن ۾ مداخلت جو ڪو شوق ناهي. سنڌ حڪومت کي پاڻ هي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه سول ايوي ايشن اٿارٽيءَ کي حڪم ڏنو ويو ته اها هوائي اڏن تي مسافرن جو سامان گم ٿي وڃڻ وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ اثرائتو مڪينزم جوڙي. چيف جسٽس جناح اسپتال جو دورو به ڪيو ۽ اتي مريضن لاءِ موجود سهولتن ۽ اسپتالن جو جائزو به ورتو. عدالت ۾ شاهه زيب قتل ڪيس جي ٻڌڻي به ٿي.

عدالت جو ڪم عوام کي انصاف جي فراهمي هوندو آهي پر اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جڏهن حڪومتون پنهنجا فرض نڀائڻ ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ ناڪام ٿينديون آهن ته اتي عدالتن جو ڪردار اهم بڻجي ويندو آهي. بلڪل ايئن جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهي پر اهڙا فيصلا جيڪي عوامي مينڊيٽ تي جمهوريت تي جمهوريت جي جوهر ۽ روح تي اثرانداز ٿين آمرن کي ڇوٽ مليل هجي ۽ چونڊيل نمائنده ڪٽهڙي ۾ بيٺل هجن ته انهن تي سوالن جو اٿڻ فطري عمل آهي.

بنيادي انساني حقن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، جيڪو ان کي نڀائڻ گهرجي پر جنهن سماج ۾ اسپتالون ڪوس گهر بڻيل هجن، سرڪاري بجيٽ هوندي به جڏهن مريضن کي خانگي اسٽورن تان دوا وٺي اچڻ جي پرچي هٿ ۾ پڪڙائي وڃي، گندو پاڻي صاف سٿري ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڇڏيو وڃي ۽ انساني آبادي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم هجي ۽ ماڻهو گندو پاڻي واپرائي پنهنجو پاڻ طرحين طرحين جي بيمارين جي منهن ۾ ڏيڻ تي مجبور هجن، جتي اڄ به هزارين اسڪول بند هجن ۽ لکين ٻار اسڪولن ۾ هئڻ بدران گهٽين ۾ رلندا وتندا هجن. اهڙي صورتحال ۾ عدالت جي متحرڪ ٿيڻ ۽ عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ سرڪار کي پابند ڪرڻ واري عمل کي ساراهي سگهجي ٿو.

اسان جي ملڪي تاريخ ڪيترن اهڙن فيصلن سان ڀري پئي آهي، جيڪي عوام جي نظر ۾ تڪراري رهيا آهن ۽ عوامي قبوليت حاصل ڪري ناهن سگهيا.  پر ڪراچيءَ ۾ امن ڏانهن اڳڀرائي به تڏهن ٿي جڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو. هي ڪيس عدالت ۾ هليو، ڪنهن ڇا ڪيو، ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ اهي سڀ پول جڏهن پڌرا ٿيا ته شهر تان خوف جا پاڇا به ختم ٿيڻ شروع ٿيا. سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن کان پوءِ سرڪاري سطح تي ڪراچيءَ کي بدامنيءَ جي باهه مان ڪڍڻ لاءِ آپريشن جو فيصلو ٿيو ان آپريشن جي نتيجي ۾ ڪراچي جو شهر امن ڏانهن موٽيو آهي ۽ هن شهر جو پراڻو عوج بحال ٿيڻ شروع ٿيو آهي.

سو چوڻ جو مطلب ته وفاقي، صوبائي يا ضلعي سطح تي حڪومتون ۽ انتظاميا جي سستيءَ سان ڪم نه ڪن ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائن عوام جا اهنج دور ڪن، لڳي ته هر گذرندڙ ڏينهن سان عوام جا مسئلا وڌن نه پر گهٽجن پيا ته پوءِ نه ته عدالت کي نوٽيس وٺڻ جي ضرورت پوندي نه ئي عوامي ادارا ۽ سرڪاري کاتا اهڙي بدترين صورتحال جي ور چڙهيل هوندا، جهڙي صورتحال جي اڄ ور چڙهيل آهن.

ساڳي طرح وري عدالت ۾ به لکين ڪيس التوا ۾ آهن، جيڪي ورهين کان التوا ۾ هئڻ جي ڪري انهن ڪيسن سان لاڳاپيل لکين ماڻهو انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن. سو ان ڏس ۾ به ڪو مڪينيزم قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. اهڙي طرح سرڪار کي به عدالت جي نوٽيس وٺڻ بدران معاملن جي حل لاءِ سرگرم ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجا فرض آئين ۽ قانون موجب متحرڪ نموني نڀائڻ گهرجن ته جيئن عوامي نوعيت جي معاملن تي عدالت جي نوٽيس وٺڻ جي نوبت ئي پيدا نه ٿئي.

آچر 18 فيبروري  2018ع، پهرين جمادي الثاني 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪامريڊ شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ !

1980ع کان 1990ع وارو ڏهاڪو نه صرف سوويت روس پر سڄي دنيا لاءِ اهم آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے