13 جمعرات , دسمبر 2018

فلسطين لبريشن جي آمريڪي سفير کي ”شٽ اپ“ جي هدايت

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) فلسطين لبريشن آرگنائزيشن جي سيڪريٽري جنرل صائب ارڪات فلسطين جي صدر محمدو عباس جي تازوئي ڪيل تقرير تي تنقيد ڪرڻ تي گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي کي ”شٽ اپ“ چئي ڇڏيو. تفصيل موجب محمود عباس پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسرائيل هڪ نوآبادي پروجيڪٽ هو جنهن جو يهودين سان جو تعلق ناهي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌان تسليم قرار ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي. جنهن تي صائب ارڪات چيو ته نڪي هيلي جمهوري ريت سان چونڊيل فلسطيني صدر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. فلسطيني نيوز ويب سائٽ “الوطن وائس” کي انٽرويو ڏيندي صائب ارڪات واضح ڪيو ته محمود عباس اهو صدر آهي جنهن امن جي واڌ ويجھه لاءِ ڪم ڪيو. پي ايل او جي سيڪريٽري جنرل نڪي هيلي جي تقرير جي حوالي سان چيو ته “نڪي هيلي کي ان معاملي تي چُپ رهڻ گھرجي ڇو ته مسئلو فلسطيني ليڊر شپ جو نه پر اسرائيلي قبضي ۽ لاڳو ٿيل پاليسين جو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملائيشن وزيراعطم جي گهرواريءَ تصوير ڪڍرائڻ وقت عمران خان جو هٿ ڇو پڪڙيو ؟

ڪوالالمپور ( ويب ڊيسڪ ) گذريل مهيني وزيراعظم عمران خان جي دوري دوران ملائيشيا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے