13 جمعرات , دسمبر 2018

پاڪستان کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو يا نه عالمي تنظيم جو اڄ اجلاس ٿيندو

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ملڪن جي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي رٿ اڄ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورم جي اجلاس ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ پاڪستان مخالف رٿ تي بحث ڪيو ويندو جڏهن ته دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ملڪن جي واچ لسٽ ۾ نامزدگي روڪرائڻ لاءِ پاڪستان به سرگرم آهي جنهن لاءِ دوست ملڪن سان رابطا ڪيا ويا آهن. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جو انگ 37 آهي جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، چين، ڀارت ۽ ترڪي سميت 25 ملڪ، نار سهڪاري ڪائونسل ۽ يورپي ڪميشن شامل آهي. تنظيم جون بنيادي ذميواريون عالمي سطح تي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي. عالمي واچ لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ٿيڻ تي عالمي امداد، قرضن ۽ سيڙپڪاري جي سخت نگراني مان گذرڻو پوندو جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري متاثر ٿيندي ۽ ملڪي معيشت تي خراب اثر پوندو.  پاڪستان طرفان پنهنجي نامزدگي روڪرائڻ لاءِ دوست ملڪن سان رابطا ڪيا ويا آهن. حڪومتي ذريعن موجب ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل يورپي ملڪن ۽ توانائي واري وزير اويس ملائيشيا جو دورو ڪري اختيارين سان ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پاڪستان جي سفيرن کي به ميمبر ملڪن کي پنهنجي موقف تي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے