20 منگل , نومبر 2018

نيوز : ٽنڊوالهيار:پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو  پريس ڪلب پهچي ويو، تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر

ٽنڊوالهيار  ڀرسان پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو  تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو.

هٽري جي رهواسڻ ناري صنم ملاح پنهنجي مڙس   راهوڪي جي رهندڙ شاهد ملاح سان گڏجي تحفظ لاءِ ٽنڊو الهيار پريس ڪلب پهچي وئي.

جوڙي صحافين آڏو داهيندي چيو تھ مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي شاهد سان شادي ڪرائڻ جو چيو پر مائٽ راضي نه ٿيڻ تي اسان پيار جو پرڻو  ڪيو آهي.

پيار پرڻو ڪندڙ ناري چيو تھ  شادي کان پوءِ منهنجا مائٽ  منهنجي مڙس کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽  موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن .

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تھ معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري جيئڻ جو حق ڏياريو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے