15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڀارت دهشتگردي مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجه آصف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سياستدانن کي غرور ۽ تڪبر نه ڪرڻ گهرجي، سياست گار ۽ ٽڪراءُ ناهي، محبت ۽ خدمت جو نالو آهي. سيالڪوٽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته خواهشن جو غلام ٿيڻ به شرق جي هڪ شڪل آهي، اسان کي خواهـشن جي غلامي مان آزاد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته ووٽن جي حرمت جي حفاظت ڪرڻ ووٽر جو حق آهي، ذاتي ناهي، ملڪي مفاد لاءِ ووٽ ڏيو، ووٽ جي طاقت کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڏکي دور مان گذري رهيو آهي، قوم متحد ٿي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، سڪيورٽي ادارن قربانيون ڏئي دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو، پاڪستان تي افغان ڌرتي تان حملن پويان ڀارت آهي. خواجه آصف چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنيڪي خرابي کانسواءِ لوڊشيڊنگ ڪٿي ناهي جڏهن ته پهريون 20، 20 ڪلاڪ لوڊشينڊنگ ڪئي ويندي هئي.  هن چيو ته اسان جي اولهه ۽ اوڀر جي سرحدن تي اسان جو ازلي دشمن دهشتگردي ڪري رهيو آهي پر جڏهن دهشتگردي مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون تنهن جو مثال ڪنهن ٻي ملڪ ۾ نه ٿو ملي.  خواجه آصف چيو ته سال جي آخر ۾ 10 هزار 700 ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي.  هن چيو ته اسان سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو ۽ جلد گوادر پورٽ خطي جي سڀ کان وڏي بندرگاهه هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغان پرڏيهي وزيرن ۾ ڳالهيون

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے