15 ہفتہ , دسمبر 2018

توهين عدالت ڪيس: نواز شريف ۽ مريم نواز کي نوٽيس جاري، پيمرا اختياريون 23 فيبروري تي طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نوٽيس جاري ڪري ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، پيمرا جي ذميوار آفيسر کي 23 فيبروري تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. جسٽس شاهد ڪريم آمنه ملڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف ۽ مريم نواز مسلسل توهين عدالت ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي تقريرن ۾ ادارن جي توهين ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پيمرا عدالت مخالف تقريرن تي قانوني ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، عدالت نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري ۽ عدليه مخالف تقريرون نشر ڪرڻ کان روڪي.  عدالت دليل ٻڌڻ بعد توهين جوڳي تقرير نه روڪڻ تي پيمرا جي ذميوار آفيسر کي 23 فيبروري تي طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته پيمرا وضاحت ڪري ته عدليه مخالف مواد روڪن لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغان پرڏيهي وزيرن ۾ ڳالهيون

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے