13 جمعرات , دسمبر 2018

توهين عدالت ڪيس: طلال چوڌري کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌري کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ کيس سومر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي. ممڪلتي وزير ڪامران مرتضيٰ کي وڪيل مقرر ڪيو آهي ۽ عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي.  ايڊووڪيٽ جنرل ڪامران مرتضيٰ چيو ته مون کي جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهرجي، طلال چوڌري عاصمه جهانگير کي وڪيل مقرر ڪيو پر سندس وفات ٿي چڪي آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته اهو موقف گذريل ٻڌڻي تي اختيار ڪيو ويو. ڪامران مرتضيٰ چيو ته منهنجو ذاتي مسئلو آهي، سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان، اڃا تائين مون کي نوٽيس نه مليو آهي. بئنچ رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اڃا نوٽيس نه مليو هجي. عدالت 10 ڏينهن جي مهلت واري درخواست رد ڪندي طلال چوڌري کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے