15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ پي ايس ايل 3 جو فائنل ممڪن بڻائينداسين: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن نئين ناظم آباد ۾ پي ايس ايل ٿري لاءِ دُبئي وڃڻ کان اڳ ڪراچي ڪنگز جي فرنچائز جي تقريب کي خطاب ۽ ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل ٿري جو فائنل ڪراچي ۾ يقيني بڻائيداسين، ڪراچي وارن کي ايونٽ جو انتظار آهي تنهن هوندي اميد آهي ته ڪراچي ۾ انٽرنيشنل مقابلا ٿيندا. وڏي وزير چيو ته پي سي بي نيشنل اسٽيڊيم کي لاوارث ڇڏي ڏنو هو، اسان ان کي بهتر بڻائڻ جي درخواست ڪئي، نجم سيٺي جا ٿورائتا آهيون جو هن ان تاريخي اسٽيڊيم تي پي ايس ايل ٿري جو فائنل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، سنڌ حڪومت ايونٽ ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندي. هن چيو ته اميد آهي ته ڪراچي ڪنگز ڪراچي ۾ فائنل کيڏي ٽرافي به کٽيندي، سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته وزير جي محنت جي ڪري پي ايس ايل ٿري جي فائنل لاءِ ڪراچي کي چونڊيو ويو. ان کان پهريان عارف حبيب استقبال ڪيو، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم چيو ته هن سال ليگ ۾ سُٺا نتيجا ڏيندا سين، بابر اعظم چيو ته سُٺي ڪارگردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. فرنچائز جي پرڏيهي ڪرڪيٽر انگلينڊ جي روي بوپارا چيو ته ڪراچي ڪنگز جي ڪاميابي لاءِ دُعا ڪريو، عثمان شنواري چيو ته محنت ۽ دُعا سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغان پرڏيهي وزيرن ۾ ڳالهيون

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے