13 منگل , نومبر 2018

نيوز : سامارو: شِو مها ديو جو ميلو ،  پانڌيئڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

*ساماري ويجهو شِو مها ديو جو ميلو ٿي گذريو جنهن ۾ پانڌيئڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ رئيس ابراهيم ڌونڪائي  ۾ شِو مهاديو جي ميلي جو ڏهاڙو ملهايو ويو  جنهن ۾   هزارين عقيدت مندن عورتن،مردن ،ٻارڙن، پري پري کان  پيادل جٿن جي صورت  ۾  شرڪت ڪئي.

شِو شنڪر شيوا منڊلي جي صدر هريش مالهي ،مندر کي سنڀاليدڙ ڀڳت ڀومجي مل ،گجو مل ڪولهي ٻڌايو ته  مندر ٺهرائڻ لاءِ   زمين  ابراهيم خان ڌونڪائي ڏئي انسان دوست هئڻ  جو ثبوت ڏنو آهي.

ڊاڪٽر هري لال امر خطاب ڪندي چيو ته  مردن کي گهرجي ته  پنهنجي عورتن ۽ٻارڙن جو خيال رکن ،پنهنجي نياڻين کي تعليم جي زيور  سان سينگارين.

تر جي مشهور ڀڳت رائيمل ڪولهي،ڀڳت سنتوش ڪمار ميگهواڙ ،ڀڳت ڪيول رام شِو شنڪر مهاديو ڀولي ناٿ جا ڀڄن ٻڌائي عقيدت مندن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته لنگر پڻ ورهايو ويو ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے