14 بدھ , نومبر 2018

بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن جي نظر بندي ۾ ٻن مهينن جي واڌ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي اڳوڻي چيئرمين بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ بري ٿيل جوابدارن جي نظربندي ۾ وڌيڪ ٻن مهينن جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالسميع خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ريويو بورڊ پنجاب حڪومت طرفان جوابدارن جي نظر بندي ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ آندو ويو ۽ کين ريويو بورڊ جي سامهون پيش ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رويو بورڊ بينظير ڀٽو قتل ۾ بري ٿيل پنجن جوابدارن جي نظر بندي ۾ وڌيڪ ٻن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے