16 اتوار , دسمبر 2018

ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ، 8 سالن جو ٻارڙو شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ لائن آف ڪنٽرول ( ايل او سي) تي 8 سالن جو ٻارڙو ايان شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب بنا سبب فائرنگ جو اهو واقعو ايل او سي جي ڀرسان جاجوٽ ڳوٺ ۾ پيش آيو. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان پيلٽ گن جو استعمال جاري آهي جڏهن ته ايل او سي تي معصوم شهرين کي بيدردي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڀارتي فوج جي بربريت ايل او سي تي جاجوٽ ڳوٺ جي 8 سالن جي ايان جو سر کنيو ۽ ڀارتي فوج جي شهرين جي خلاف ڪارروائيون ڀارت جي حقيقي چهري کي بي نقاب ڪن ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پهريون ڀيرو هاڪي جو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ بيلجيئم جي ٽيم نيڌرلينڊ کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے