13 جمعرات , دسمبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ نيب جي ٽيم لنڊن رواني ٿي وئي. نيب اختيارين موجب ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر سرڪاري دوري تي لنڊن لاءِ روانو ٿي ويو آهي جتي هو 22 فيبروري تي لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ويندو. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ سردار مظفر جي موجودگي ۾ فريادي جي ٻن شاهدن جو ويڊيو لنگ تي بيان رڪارڊ ڪيو ويندو. لنڊڻ مان ويڊيو لنڪ تي شاهدن رابرٽ ريڊلي ۽ راجا اختر جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے