13 جمعرات , دسمبر 2018

عدالت جي ريمارڪس سبب انتظاميا مفلوج ۽ سياستدان چور بڻي ويا: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارليامينٽ جيان پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ۾ به عدالت جي ريمارڪس تي بحث ڪرايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ تحريڪ التوار ڪار، ۽ تحريڪ استحقاق پيش ٿينديون، عدالت جي ريمارڪس جي ڪري انتظاميا مفلوج ۽ سياستدان چور بڻجي چڪا آهن. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي جي اڱڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله وزير اعظم طرفان پارليامينٽ ۾ ريمارڪس تي بحث جي حمايت ڪندي اعلان ڪيو ته اهو بحث صوبائي اسيمبلي ۾ به ڪرايو وڃي ڇو ته انهن ريمارڪس جي ڪري انتظاميا مفلوج ۽ سياستدانن جي حوالي سان بدديانتي ۽ چور هئڻ وارو تاثر قوي ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته انهن ريمارڪس جو سلسلو ڪٿان به شروع ٿيو هاڻ ان کي مناسب طريقي سان ختم ٿيڻ گهرجي آئين ۾ جن کي ڪڍڻ جو نظام موجود آهي، ائين وزير اعظم به ٽيڪنيڪي بنيادن جي بدران عدم اعتماد سان ڪڍيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے