21 بدھ , نومبر 2018

عوام ۽ آئين سپريم ڪڏهن بڻبا؟

ڪالهه وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سموري خطاب جو محور سپريم ڪورٽ ۽ سندس سياسي اڳواڻ ميان نواز شريف هيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ادارن جي تڪرار کان بچڻ لاءِ بهتر اهو آهي ته ايوان ان معاملي تي بحث ڪري. هن چيو ته اسان حلف کڻندي آئين جو دفاع ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي، عدالتن ۾ چونڊيل نمائندن کي ڪڏهن چور ڪڏهن ڌاڙيل ڪڏهن گاڊ فادر چيو ويندو آهي. وزير اعظم چيو ته ڇا اسان کي قانون سازي جو حق ناهي، ڇا اسان کي اجازت وٺي قانون سازي ڪرڻي پوندي، ادارن جي تڪرار کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته ايوان ان معاملي تي بحث ڪري. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته اهو ڪنهن پارٽي جو معاملو ناهي، ان تي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، حڪومتي نمائندن کي عدالتن ۾ بي عزت ڪيو ويندو آهي. وزير اعظم چيو ته آئون ڪنهن اداري يا عدليه  تي تنقيد ناهيان ڪري رهيو، رڳو حقيقت ٻڌائي رهيو آهيان، مخالف ڌر کي گذارش آهي ته ان کي پارٽي جو مسئلو نه بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڇا فيصلن جو سرڪار کي حق ناهي؟ وزيراعظم چيو ته عدالتن ۾ حڪومتي پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌر هن معاملي کي مسئلو نه بڻائي، اڄ اسان جي حڪومت آهي، سڀاڻي ڪنهن ٻئي جي اچي ٿي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ايوان کي قانون سازي جو حق آهي، پارليامينٽ جو ڪردار پارليامينٽ کي ئي ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اهو بحث گهڻو پهرين ٿيڻ گهرجي ها، ماضي جي غلطين کي سامهون رکي اقرار ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان عدليه کي ڊڪٽيشن ڏيندا آهيون ته ٺيڪ ٿيندو آهي؟ خورشيد شاهه چيو ته جڏهن پاناما جو معاملو آيو ته اسان چيو هو ته معاملو پارليامينٽ کي ڏسڻ گهرجي، اسان پاڻ پارليامينٽ جو تقدس پائمال ڪيو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو، اسان پاڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي بالادست ڏسڻ چاهيون ٿا، سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ادارا هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت ڪندا ته ملڪ ڪمزور ٿيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن قانون سازي هڪ فرد ۽ مفادن جي لاءِ ٿيندي ته اها تباهه ڪري ڇڏيندي.

پاڪستان ۾ آئين ۽ عوام ٻه اهڙا وکر آهن جن جو سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪري انهن جي نالي ۽ انهن جي ڇانو ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ ٿيڻ جي عادت آهي. پر پارليامينٽ جيڪا آئين ٺاهي ٿي ۽ عوام جيڪو پارليامينٽ ٺاهي ٿو، ان جو ڪير به ڌڻي سائين ڪونهي. اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن ملڪ جو عوام ۽ ملڪ جو آئين سڀ کان سپريم بڻبا؟ ان ڏينهن جو سڀ کي انتظار آهي.

اربع 21 فيبروري  2018ع، 4  جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ سنڌ ۽ سرڪار جو اعتراف

گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هجڻ ڪري سنڌ گهڻ طرفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے