16 اتوار , دسمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ: زينب قتل ڪيس جي جوابدار کي سر عام ڦاهي ڏيڻ واري درخواست خارج

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران کي سر عام ڦاهي ڏيڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. تفصيل موجب هاءِ ڪورٽ ۾ زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران کي سر عام ڦاهي ڏيڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواست اشتياق چوڌري ايڊووڪيٽ داخل ڪئي جنهن ۾ جوابدار کي عبرت جو نشانو بڻائڻ لاءِ سر عام ڦاهي جي اپيل ڪئي وئي هئي، جسٽس صداقت علي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست وقت کان اڳ قرار ڏئي اُڪلائي ڇڏي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدار وٽ اپيل لاءِ هاڻ 3 فورم موجود آهن، جوابدار جون اپيلون رد ٿيڻ تائين ڦاهي جي حڪم تي عملدرآمد نٿو ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پهريون ڀيرو هاڪي جو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ بيلجيئم جي ٽيم نيڌرلينڊ کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے