13 جمعرات , دسمبر 2018

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 3 ڏهائي 24 في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ماهانه فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ 3 ڏهائي 24 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگو ليٽري اٿارٽي سينٽرل پرچيز ايجنسي طرفان مهيني جي بنياد تي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ تبديلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سي سي پي اي پنهنجي درخواست ۾ چيو ته جنوري ۾ بجلي جي مجموعي پيداواري لاڳت 48 ارب رپيه رهي، بجلي جي پيداوار تي ٻارڙن جي لاڳت 6 رپيه  62 پئسا في يونٽ رهي جڏهن ته ورڇ ڪندڙ ڪمپنين صارفين کان 9 رپيه 86 پئسا في يونٽ وصول ڪيا تنهن ڪري صارفين کان اضافي وصول ڪيل 3 رپيه 24 پئسا في يونٽ واپس ڪيا وڃن. نيپرا سي سي پي اي جي درخواست منظور ڪندي جنوري لاءِ هر مهيني فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 3 رپيه 24 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏني آهي. صارفين کي مجموعي طور تي 27 ارب رپين کان وڌيڪ رليف ملندو پر ڪي اليڪٽرڪ، 3 سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين ۽ آبادگارن تي نوان اگهه لاڳو نه ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے