16 منگل , اکتوبر 2018

اتر اوڀرين رياستن ۾ مداخلت ۾ اولهه جي پاڙيسري جو هٿ آهي: ڀارتي آرمي چيف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت چيو آهي ته ملڪ جي اترين ۽ اوڀرين رياستن ۾ غير قانوني طور بنگلاديش مان ٿيندڙ مداخلت ۾ اولهه جي پاڙيسري جو هٿ آهي جڏهن ته کيس چين جي حمايت به حاصل آهي. نئين دهلي ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت چيو ته هاڻي علائقي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته علائقي ۾ آل انڊيا يونائيٽيڊ ڊيمو ڪريٽڪ فرنٽ نالي تنظيم آهي جيڪا تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، 1980ع ۾ بي جي پي کان به وڌيڪ تيز اڳتي وڌي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته علائقي ۾ جيڪي ماڻهو آباد آهن تن کي بنا فرق جي گڏجي رهڻو آهي ۽ مسئلا پيدا ڪندڙ ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي. ڀارتي آرمي چيف چيو ته مسلمان 13 هين صدي ۾ آسام ۾ اچڻ شروع ٿيا تنهن ڪري آسمان تي سندن به حق آهي پر اسان کي غير قانوني طور آباد ٿيندڙ ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي معاملو، سعودي ۽ ترڪي جي گڏيل جاچ ٽيم قونصل خاني پهچي وئي

استنبول + واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي واري معاملي جي جاچ جي سلسلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے