18 اتوار , نومبر 2018

جوئي آهيان سوئي آهيان:يوسف شاهين

ڳالهين ۾ ڳيٿلو، تکو جيان تلوارَ،

ڳڻائي ڏُکَ ڏاتارَ جا، هيڪاندا! هزارَ،

ڪڏهن ماڻهوءَ ڪاڻ، وَنڊي ڪينَ ويچارَ،

رڳو رنَگَ آسماني، ڌرتيءَ ڪاڻ ڌِڪارَ،

ٻوڙي ٻيئي جهانَ، ڪري تُهمتي تڪرارَ،

ڪين گهرجن مون اهڙا واعظَ وزندارَ،

ميان! لاهه  ميارَ، جوهي آهيان، سوئي آهيان.

*

جو هي آهيان، سو ئي آهيان، ٻيلي! لاهِه لوڙائو،

هيءَ سر زمين صُوفين جي، هِت سِرجي سَچُ سوائو،

کڻي فڪر پنهنجو پرائو، ڀڄو هن ڀُونءِ تان.

*

سر زمين صوفين جي، سونل سنڌ سڏائي،

آيا هِت اوپرا، وڏا وَلرَ ڪاهي،

ڪو اُنهن کي ٻُڌائي، ڪَکُ نه ڏيڻو ڪنهن کي.

سرڪاري ڪامورا رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گهڻي ڀاڱي زندگيءَ جا باقي ڏينهن ” ڪنڊائتا“ گهر ۾ گذاريندا آهن. هنن وٽ باقي ڄمار گذارڻ لاءِ ڪي خاص مقصد يا سبب نه هوندا آهن. ڪا ننڍي وڏي بيماري هئڻ جي صورت ۾ هو ڊاڪٽرن جا باقاعدگيءَ سان چڪر ڪاٽي سڄي عمر جي بچايل پونجي وڃائي ويهندا آهن.

مگر جناب عبدالقادر منگيءَ جو قصو بنهه مختلف آهي. سرڪاري عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن مايوس ٿيڻ بدران هڪ نئين زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. هن سڄي ڄمار جو علم، تجربا ۽ مشاهدا نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ضخيم ۽ انتهائي اهم ڪتاب لکي ورتو. جنهن جا ڪيئن رنگ آهن. هي هڪ ڪتاب نه بلڪ ڪيئي ڪتاب لڳي ٿو. ٿر، بر، اُتر ۽ لاڙ جا تفصيلي واقعا ۽ داستان قلمبند ڪرڻ کان علاوه هن فوجي راڄ، فوجن جي ٽيڳر،  ڦٽڪن جي سزا کان ويندي ڪيترائي سياسي توڙي سماجي مسئلا بحث هيٺ آندا آهن.

هن ڪتاب ۾ لاتعداد شخصيتن جو ذڪر ملي ٿو جنهن سان اڄوڪي سنڌ جي تاريخ جوڙي سگهبي.

هن ڪتاب جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ بيورو ڪريسي يا افسر شاهي ڪيئن ڪم ڪري ٿي، ڪهڙي دٻاءَ هيٺ رهي ٿي ۽ سنڌ ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو ڇو جام رکيو وڃي ٿو.

هن ڪتاب جو مصنف جيتوڻيڪ ڪو اديب ناهي مگر هن جي ادب دوستي، هن جي ٻوليءَ ۾ پختگي ۽ رواني حيرت ۾ وجهندڙ آهي. افسوس آهي جو هن ڪتاب جون هڪ هزار ڪاپيون ڇاپيون ويون آهن انهن جو ڪڏهن وڪرو ٿيندو. اهو مسئلو انتهائي  اهم آهي، جيڪو اسان سنڌين کي سمجهڻ گهرجي.

جڏهن سنڌ جي آبادي هڪ ڪروڙ هئي  تڏهن به ڪتاب جون هڪ هزار ڪاپيون ڇاپيون وينديون هيون. هينئر جڏهن سنڌ جي آبادي پنجوڻ کان به وڌي ويئي آهي تڏهن به ڪتابن جون هڪ هزار ڪاپيون ڇپايون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سنڌي پڙهڻ تمام تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. سنڌ جا اڌو اڌ اسڪول سنڌي نٿا پڙهائين. ٻئي طرف سنڌ جو اِليٽ ڪلاس، وڏيرو، زميندار، پير مرشد، سرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي نٿي پرهائي وڃي. انگريزي ضرور پڙهڻ گهرجي مگر سنڌي نه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڏوهه سمجهڻ گهرجي. اڄوڪي سنڌ ۾ سنڌي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي. مگر سنڌ سرڪار سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ کان ڊڄي ٿي. صورتحال اهڙي آهي جو سنڌي ٻوليءَ جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا سمورا گهٽ بند ٿيندا وڃن ٿا. جڏهن اسان انگريزن جا غلام هئاسين تڏهن سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي.  سڀني اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لازم هو. انگريز گورنر، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر سنڌي پڙهندا ۽ ڳالهائيندا هئا.

انگريزن کان آزادي ماڻڻ کان پوءِ هڪدم سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري طور انتهائي خطرناڪ منصوبابندي ڪئي ويئي. سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏانهن هجرتن جا ڪيئن سلسلا شروع ڪيا ويا.

1936ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان علاوه 1947ع، 1956ع، 1986ع ۽ 1991ع دوران ڪروڙين ڌاريان سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا. اهڙيون هجرتون اڃا جاري آهن.هن وقت تائين سنڌ جا سمورا وڏا شهر معاشي، سماجي توڙي سياسي طور اسان کان ڦرجي چڪا آهن. اسان هتي اوپرا لڳون ٿا. انهن شهرن ۾ اسان کان سنڌي ڳالهائڻ وسريو وڃي. سنڌي ٻولي ڏينهون ڏينهن فقط ڳوٺن تائين محدود ٿيندي وڃي ٿي. مون هن کان اڳ ڪيئن ڀيرا ٻڌايو آهي ته هجرتون ” فتوحات“ يا ” فوجي ڪاهن“ کان به خطرناڪ ٿين ٿيون.

براعظم آمريڪا ۾ 1024 قومون آباد هيون، جن کي هڪڙي فرضي نالي” ريڊ انڊين“ سان سڏيو وڃي ٿو. سورهين صديءَ کان ويهين صديءَ تائين يورپ کان آمريڪا ڏانهن هجرتون شروع ٿيون نيٺ، يورپ جي مهاجرن آمريڪا جون سموريون اصلوڪيون قومون ماري،  اتي پنهنجا لڳ ڀڳ سٺ ملڪ قائم ڪيا آهن، جن مان 34 اقوام متحده جا ميمبر آهن. ساڳيءَ ريت يورپ جي مهاجرن براعظم آسٽريليا تي قبضو ڪيو ۽ اتي جون اڍائي سئو کان وڌيڪ قومون قتل ڪري ڇڏيون. انهن جا ٻار اغوا ڪري، انهن کي عيسائي  ٺاهيو ويو.

ستين صديءَ قبل مسيح ۾ روم جي حاڪمن هڪ طاقتور سلطنت جو بنياد وڌو جيڪا پنجين صدي عيسوي  تائين لڳ ڀڳ ٻارنهن سئو سال دائم ۽ قائم رهي. روم جون فوجون ناقابل شڪست سمجهيون وينديون هيون. هنن يورپ،  اتر آفريڪا ۽ وچ ايشيا جي لاتعداد ملڪن تي قبضو ڪيو. روم شهر جي دنيا ۾ ايڏي ته ڌاڪ هئي جو 800 سالن دوران ڪنهن کي به ان شهر تي ڪاهه ڪرڻ جي همت نه ٿي. چوٿين ۽ پنجيب عيسوي صديءَ دوران رومي سلطنت ڏانهن مختلف قومن هجرتون شروع ڪيون، جن ۾ خاص طور گوٿ، وسي گوٿ، اوسٽرو گوٿ، ونڊال ۽ ٻيا قبيلا شامل هئا. روم جي حاڪمن اهي هجرتون روڪڻ لاءِ پوري طاقت استعمال ڪئي ۽ هزارين گوٿ قتل ڪري ڇڏيا.  مگر هجرتون روڪي نه سگهيا،  نيٺ انهن مهاجرن رومي سلطنت ڊاهي وڌي. 476ع ۾ رومي سلطنت جي ٽٽڻ کان پوءِ يورپ ۾ پهريون ملڪ” اٽلي“ وجود ۾ آيو جنهن جو پهريون بادشاهه هڪ مهاجر – الارڪ اول ٿيو. اٽليءَ کان پوءِ فرانس، جرمني، هسپانيه (اسپين) ۽ ٻيا ڪيترائي نوان ملڪ يورپ ۾ پيدا ٿيا، جيڪي هن کان اڳ روم جا صوبا هئا. اڄ سنڌي قوم اهڙي ئي نازڪ ترين دور مان لنگهي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌين هوش کان ڪم نه ورتو ته هو تاريخ جي وهڪري ۾ لڙهي سگهن ٿا. آخر ۾ آئون رٽائرمينٽ جي حوالي سان هڪ خطرناڪ صورتحال جو ذڪر ڪندس.  رٽائرمينٽ جي عمر سٺ سال آهي. جڏهن ته اسان جي سراسري عمر به لڳ ڀڳ سٺ سال آهي. يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن جي 82 کان 96 سال عمر آهي. دنيا ۾ 54 اسلامي ملڪ آهن، انهن سڀني جي سراسري عمر به سٺ سال آهي. ان جو اهو مطلب ٿيو ته اسان مسلمان ترقي يافته ملڪن جي ما ڻهن کان 22 کان 36 سال اڳ مرون ٿا. يا اسان کي ڪئين سال اڳ ماريو يا قتل ڪيو وڃي ٿو. اسان جا صحت جا ماهر، ڊاڪٽر، تحقيقي ادارا يا سائنسدان ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. اسان جي عقيدي مطابق اسان جي عمر  لکيل ۽ طئه ٿيل آهي، جيڪا ڪنهن به حالت ۾ وڌائي يا گهٽائي نٿي سگهجي. ايتريقدر جو جنگ جي ميدان ۾، طوفانن، زلزلن يا ڪنهن ٻي آفت جي اچڻ سبب ڪو به ماڻهو تيستائين نٿو مري سگهي جيستائين هن جو موت لکيل نه هجي.

ويهين صديءَ جي ابتدا تائين يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن جو به اهڙو ئي مذهبي عقيدو هو. پوءِ هنن جي سائنسدانن ۽ صحت جي ماهرن خاموشيءَ سان انساني جي عمر بابت سوچڻ شروع ڪيو. 1904ع تائين آمريڪا جي ماڻهن جي سراسري عمر 46 سال هئي جيڪا هاڻ وڌي ٻيڻ تي 96 سال ٿي ويئي آهي. بلڪ هاڻ ته هو 120 سال ماڻڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. آئون پڇان ٿو ته هن وقت اسان ماڻهو اڻ ڄاڻائي، نامناسب اڻ  پوري غذا، خراب پاڻي، خراب ماحول ۽ مناسب دوا دارون نه ملڻ سبب 22 کان 36 سال اڳ مرڻ تي مجبور ڇو  آهيون. ڇا ان مامري جو ڪو تدارڪ ٿي سگهي ٿو. ڇا اهو قومن جو قتل بلڪ قتل عام ناهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے