13 جمعرات , دسمبر 2018

آرمي چيف سان آزاد ڪشمير جي صدر جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آزاد ڪمشير جي صدر سردار مسعود خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ دلچسپي وارن معاملن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان صدر آزاد ڪمشير جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڀارتي بربريت تي هر ممڪن تحمل واري پاليسي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو پاڪ ڀارت دٻاءُ وڌڻ سان رڳو ڪشميري متاثر ٿيندا آهن. سردار مسعود خان آزاد ڪشمير ۾ سيڪيورٽي ۽ ترقياتي معاملن تي پاڪ فوج سان سهڪار تي ٿورا مڃيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے