16 اتوار , دسمبر 2018

نيوز : بدين: آپريشن کان روڪڻ واري معاملي جو  صحت جي صوبائي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

بدين انڊس انتظاميه پاران آرٿو پيٽڪ  سرجن ڊاڪٽر اسرار ميمڻ کي ٻارڙن جي  آپريشن کان روڪڻ واري معاملي جو  صحت جي صوبائي وزير نوٽيس وٺي ڊي ايڇ او هيلٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

انڊس اسپتال انتظاميھ جي  سيڪورٽي گارڊن پاران ڊاڪٽر اسرار ميمڻ کي ٻارڙن جو آپريشن  روڪڻ ۽ غير اخلاقي ڳالھائڻ واري معاملي جو صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊاڪٽر محبوب علي خواجھ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي .

ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊاڪٽر محبوب علي خواجھ عوامي آواز ٽي وي پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته صحت جي صوبائي وزير معاملي جو نوٽيس وٺي سومر تي ٿيل معاملي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي .

ھن چيو ته سومر تي انڊس انتظاميه ۽  ڊاڪٽر اسرار ميمڻ سان پيش آيل واقعي تي جانچ ڪري رپورٽ اختيارن کي موڪلي ويندي.

 ھن چيو ته صحت جي صوبائي وزير سخت ناراضگي جو اظھار ڪندي چيو ته سيڪورٽي اھلڪار ھڪ ڊاڪٽر کي آپريشن ڪرڻ کان ڪيئن ٿا روڪي سگهن.

ٻئي پاسي  سيڪورٽي جي چيف علي نواز خاصخلي کي انڊس اسپتال بدين مان ھٽائڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپور بٺورو: هاري اڳواڻ قاسم پٿر جي 11هين ورسي ملهائي وئي

قومپرستن ۽ اديبن ۽ دانشورن  چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ ڪيتريون ئي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے