13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز: بدين:  منشيات پوليس جي آشيرواد سان سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي، نوجوان تباهه

بدين  ضلعي ۾ منشيات پوليس جي آشيرواد سان سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي، جنهن سبب  ڪيترائي نوجوان منشيات واپرائڻ سبب تباهي ڪناري تي پهچي ويا.

ٽنڊو غلام علي،   نيو دمبالو ۾ مين پڙي ، گٽڪو ، چرس ۽ ڪچي شراب جا ڪيترائي ڪارخانا سرعام هلڻ لڳا، پوليس نوٽن عيوض اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

شهرين توڙي ساڃاهه وندن نوجوانن جي مستقبل خراب ڪرڻ جو زميوار پوليس کي قرار ڏئي ڇڏيو.

منشيات جو مرڪز بڻيل شهر جي رهواسين، سماجي اڳواڻن،  توڙي سڃاڻ ڌرين آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوانن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے