13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز : حيدرآباد : عوامي جمهوري پارٽي جو ڪنوينشن، امان الله شيخ صدر چونڊجي ويو

*حيدرآباد ۾  عوامي جمهوري پارٽي جو اٺون ڪنوينشن ممتاز مرزا هال  ۾ ٿيو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي

ڪنوينشن  کي خطاب ڪندي  امان الله شيخ, ابرار قاضي, خادم ٽالپر، زاهدا ڏاهري ۽ ٻين چيو ته سنڌ هن وقت سياسي ۽ معاشي طور بدترين بحران ۾ ڦاتل آهي

هنن چيو ته  مٺا پاڻي زهريلا ٿي ويا آهن ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ علاج مهانگو ٿي پيو آهي.اهڙين حالتن ۾ سنڌ کي ذميوار سياست ۽ قيادت جي ضرورت آهي

ان موقعي تي عوامي جمهوري پارٽي جون مرڪزي چونڊون ٿيون جن ۾   امان الله شيخ مرڪزي صدر ۽ صدر الدين پنهور جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے