13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز : پ پ غريب عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي:مير الله بخش ٽالپر

پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر چيو آهي تھ پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي، جنھن سدائين غريب عوام جي خدمت ڪئي آھي ، پ پ هميشھ ادارن کي مضبوط ڪري پورھيتن کي پنھنجا حق ڏنا آھن.

 پ پ تلھار جي نائب صدر امتياز علي ملاح ، شاھجان ملاح پاران ڏنل آجياڻي کي مير الله بخش ٽالپر خطاب ڪندي چيو تھ ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي جڏهن تھ ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو.

تعلقھ  صدر نياز محمد لاشاري چيو تھ   ڪاغذي شينھن کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان تھ  تون رڳو ڪاغذي شينھن آھين اسان 2018 جي چونڊن ۾ توکي عبرتناڪ شڪست ڏئي واپس ٽنڊي ٺورهي موڪلينداسين.

ان  موقعي تي آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا وي، ا آجياڻي تقريب ۾ ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے