16 اتوار , دسمبر 2018

رپورٽ : بدين قاضي واھ ۾ مئل گڏھ جي موجودگيءَ معاملو

بدين قاضيه واهه ۾ گڏهه جي موجودگيءَ جي خبر عوامي آواز ۾ ڇپجڻ بعد بدين ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين، ميونسپل ڪاميٽي بدين جي سي ايم او ۽ اريگيشن کاتي جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو…………

پيش آهي رازق ڏنوکوسو………….جي رپورٽ………..،

بدين جي قاضيه واهه ۾ گذريل چئن ڏينهن کان پيل مئل گڏهه واري اطلاع بدين ضلعي جي ماڻهن کي سخت ذهني تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد ڀرپور عوامي رد عمل ٿيو……….

عوامي آواز ۾ آيل اهڙي خبر جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ سختيءَ سان نوٽس وٺندي ميونسپل ڪميٽيءَ جي سي ايم او افتخار خواجه ۽ ايريگيشن جي عملدارن کي فوري طور تي مئل گڏهه واهه مان ڪڍڻ جو حڪم ڪيو آهي……….

عدالت ايريگيشن کاتي ۽ ميونسپل کاتي جي عمدارن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڪيو……

عدالت جي حڪم بعد عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ٽيم جي موجودگيءَ ۾ مئل گڏهه کي قاضيه واهه مان ڪڍيو ويو………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپور بٺورو: هاري اڳواڻ قاسم پٿر جي 11هين ورسي ملهائي وئي

قومپرستن ۽ اديبن ۽ دانشورن  چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ ڪيتريون ئي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے