15 جمعرات , نومبر 2018

زمينن جي مالڪي نه ڪئي وئي ته فلسطين جهڙو حشر ٿيندو!

انگريزن سنڌ جي زمينن جي مالڪي ڪئي ۽ اسين وارث غافل آهيون
ڪراچيءَ جي 60 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو حيران ڪندڙ آهي. عوامي آواز ٽي وي
(ڪراچي رپورٽر): ڪراچي جي 60 هزار ايڪڙ زمين تي حڪومتي اداران جي قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي. جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته پوءِ سنڌ جي فلسطين ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ضياءُ الحق کانپوءِ سنڌ جي زمينن کي مال غنيمت سمجهيو ويو. انگريزن سنڌ جي زمينن ۽ ملڪيتن جي مالڪي ڪئي. پر ڌرتيءَ ڌڻين بي رحمي سان زمينن جي ڀينگ ڪئي. اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام تکيون مٺيون ڳالهيون ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر ڪيو. هنن چيو ته ڪراچي جون زمينون لاوارث بڻيل آهن، سنڌ حڪومت کي سنڌ جي زمينن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جي 60 هزار ايڪڙ زمين تي وفاقي ۽ صوبائي کاتن جو قبضو آهي، جڏهن ته 6 هزار ايڪڙ زمين تي خانگي ماڻهن جا قبضا آهن ، انهن قبضن کي ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي اپاءِ وٺڻ گهرجن. ضياءَ جي دور کان وٺي ڪراچي جي زمينن کي غنيمت جو مال سمجهيو ويو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ روينيو رڪارڊ کي هڪ سازش تحت ساڙيو ويو. جنهن کان پوءِ سنڌ روينيو بورڊ پاران زمينن جي سموري رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي. لينڊ روينيو ايڪٽ تحت زمينن جا مڪمل اختيار ڪمشنر وٽ آهن، تنهن جي باوجود زمينن جي مٽاسٽا ٿي رهي آهي.جڏهن ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ به ان ڳالهه جو ذڪر آهي ته زمينن جي ڪا به مٽا سٽا نٿي ٿي سگهي.حڪومت کي پنهنجون ٺاهيل پالسيون تبديل ڪرڻيون پونديون نه ته سنڌ جو حشر فلسطين وانگر ٿيندو. پروگرام ۾ چيو ويو ته پ پ پ وارا ته پنهنجي قائد جي مزار مان به نه مڙيا ۽ ان جي تعمير ۾ به ڪرپشن ڪيائون. سنڌ فلسطين ٿي سگهي ٿي؟ پروگرام ۾ چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے