13 جمعرات , دسمبر 2018

هر سال منهن جي ڪيسنر  ۾ 30 هزار ماڻهو مبتلا ٿي رهيا آهن: جاچ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ منهن جي ڪيسنر جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي رهي آهي. عالمي صحت جي داري موجب پاڪستان ۾ منهن جي ڪينسر جي شرح ۾مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ منهن جي ڪينسر جي شرح 30 سيڪڙو تائين پهتي آهي. عالمي اداري جي موجب پوري دنيا ۾ ٿيندڙ فوتگين ۾ هر 8 فوتگي منهن جي ڪينسر سان ٿي رهي آهي.جڏهن ته پوري دنيا ۾ هر سال 80 لک ماڻهو مختلف قسم جي ڪينسر جي سبب موت جي منهن ڏانهن ٿا وڃن. عالمي رپورٽ موجب 2030 تائين پوري دنيا جي اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي منهن جي ۽ ٻين قسمن جي ڪينسر جو شڪاري ٿي ويندي. ۽ پاڪستان ۾ مختلف قسم جي ڪينسر جي شرح ڳڻتي جوڳي حدتائين وڌي رهي آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ايشيائي  ملڪن  جي فهرست ۾ شامل آهي. 15 سال پهريان منهن جي ڪينسر جو شڪار ٿيڻ وارن جي عمر 50 سان کان وڌيڪ هوندي هئي پر هاڻي پاڪستان ۾ پان،سوپاريون، گٽڪو، مين پوڙي ۽ سگريٽ نوشي جي استعمال سان هاڻي 14 کان 15 سالن جي نوجوانن ۾ ان جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.ڪراچي ۾ هر سال منهن سميت ٻين ڪينسر جا 148.000 ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ڪينسر جي مرض تي جاچ جي عالمي اداري (آئي اي آر سي) موجب پوري دنيا ۾ 2016 ۾ 28.2 ملين ڪينسر جا نوان مريض موجود هئا جنهن ۾ 10.5 فوت ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …