18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز : حيدرآباد: ڳوٺ ڪريم بخش خاصخيلي جي رهواسين جو بااثر بلڊر ۽ پوليس خلاف احتجاج

*حيدرآباد جي ڳوٺ ڪريم بخش خاصخيلي جي رهواسين بااثر بلڊر ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو .

ڳوٺاڻن قربان خاصخيلي، اقبال خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بااثر بلڊر رات جي ٽائيم ۾ پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري سندن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو..

هنن چيو ته هو سوين سالن کان  ڳوٺ ڪريم بخش خاصخيلي  ۾ آباد آهن، جنهن جا اصل ڪاغذ به وٽن موجود آهن.

هنن چيو ته ايڇ ڊي اي جا آفيسر بلڊر مافيا سان گڏجي سندن ڳوٺ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڏيجي: بي ايڇ يو کي رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج

*ڪوٽڏيجي ويجهو   بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪنب کي اپگريڊ ڪري رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏيارڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے