19 پیر , نومبر 2018

سنگاڪاراسميت ملتان سلطان جي پوري ٽيم پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي: صدر ملتان سلطان

شارجه( اسپورٽس نيوز) ملتان سلطان جي صدر اشعر شوق تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس ٽيم جا سمورا رانديگر پاڪستان ۾ پي ايس ايل جون ميچون کيڏڻ لاءِ تيار آهن. شارجه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملتان سلطان جو وڪيٽ ڪيپر ڪمار سنگاڪارا پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان حوالي سان تمام گهڻو پرجوش آهي. واضح رهي ته ڪمار سنگاڪارا انهن سريلنڪن ڪرڪيٽرن ۾ شامل آهي جن تي لاهور ۾ 2009  ۾ حملو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي رانديگرن زخمي ٿيا هئا. ٽورنامنٽ ۾ هن وقت تائين جي ڪارڪردگي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اشر شوق چيو ته اسان تمام گهڻو خوش آهيون جو اسان جي ٽيم جا وڏا رانديگر پرفارم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪمار سنگارا لاڳيتو ٻن ميچن ۾ ٻه ففٽيون اسڪور ڪيون آهن، جڏهن ته شعيب ملڪ پڻ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي هن چيو ته اسان وٽ پاڪستان سپر ليگ جو سڀ کان مضبوط بالنگ اٽيڪ موجود آهي. اشر شوق چيو ته گذريل ميچ ۾ 113 رنسون اسڪور ڪرڻ باوجود به هار نه مڃي، ۽ آخر تائين مقابلو ڪيو، اسان 63 رنسن تي اسلام آباد جا پنج رانديگر آئوٽ ڪيا هئا، ٽورنامنٽ ۾ اسان جي فيلڊنگ پڻ شاندار رهي آهي جنهن سمورو ڪريڊٽ وسيم اڪرم ۽ هيڊ ڪوچ ٽام موڊي ڏانهن وڃي ٿو. هن لاهور قلندر جي رانديگرن ڊيولپمنٽ پروگرام جي تعريف ڪندي چيو ته اسان لاهور قلندر ٽيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا هو گراس روٽ ليول تي پهريان ئي ڪم ڪري چڪا آهن.سندس وڌيڪ چوڻ  هو ته اسان جو پليئر ڊيولپمنٽ پروگرام اپريل ۾ شروع ٿي رهيو آحي جنهن جي نگراني وسيم اڪرم ڪندو.واضح رهي ته  ملتان سلطان هن وقت تائين ٽي ميچون کيڏي چڪي آهي جن مان کين ٻن ۾ڪاميابي هڪ ۾ شڪست ملي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جي شاهجهان خان ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي

اوٽاوا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي شاهجهان خان پي ايس اي ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے