14 بدھ , نومبر 2018

پي ايس ايل 3: اڄ پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز آمهون سامهون

شارجا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن، اڄ ايونٽ جو ڏهون ميچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جي ٽمين وچ ۾ کيڏيو ويندو. شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جي ٽمين وچ  مقابلو ٿيندو. پشاور زلمي جي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ڊيرن سيمي، تميم اقبال، ڪامران اڪمل، محمد حفيظ ۽ حارث سهيل جهڙا باصلاحيت بيٽسمين موجود آهن، جڏهن ته بالنگ اٽيڪ ۾ حسن علي، ڪرس جورڊن ۽ وهاب رياض جهڙا بالر شامل آهن. ٻئي پاسي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد وٽ پڻ ڪيترائي وڏا نالا موجود آهن جن ۾ ڪيون پيٽرسن، جيسن راءِ محمد الله، شين واٽسن ۽ اسد شفيق بيٽنگ جڏهن بالنگ جي شعبي ۾ راحت علي، محمد نواز ۽ انور علي موجود آهن.واضح رهي ته  پوائنٽس ٽيبل تي ڪراچي ڪنگز ٽنهي ميچن ۾ ڪاميابي سان گڏ 6 پوائنٽون حاصل ڪري پهرين پوزيشن تي آهي،جڏهن ته لاهور قلندرز پنهنجي ٽنهي ميچن ۾ ناڪامي بعد آخري نمبر تي موجود آهي، ٻين ٽيمن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٻئين، ملتان سلطان ٽئين، پشاور زلمي چوٿين، اسلام آباد يونائيٽڊ پنجين نمبر تي موجود آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے