13 منگل , نومبر 2018

پي ايس ايل 3: رومان رئيس فيلڊنگ دوران انجري جو شڪار

شارجا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ ۾ فيلڊنگ دوران اسلام آباد يونائيٽڊ جو اهم رانديگر رومان رئيس زخمي ٿي پيو آهي. شارجه ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جو ليفٽ آرم فاسٽ بالر روما رئيس بال کي بائونڊري تان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي گوڏي ۾ ڍڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. رومان رئيس بال کي بائونڊري تان روڪڻ لاءِ ڊائيو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس گوڏو زور سان زمين تي لڳو ۽ هو گرائونڊ ۾ ڍڪ لڳڻ سبب سبب ڪري پيو. جنهن بعد کيس فوري طور تي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جنهن بعد رومان رئيس کي اسٽريچر تي کڻي گرائونڊ مان ٻاهر موڪليو ويو ان حوالي سان اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪوچ ڊين جونز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رومان رئيس جا ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن، اميد آهي ته انجري سخت نوعيت واري نه هوندي، ڊين جونز چيو ته انجري بابت حتمي طور تي ايم آر آءِ ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ تائين ڪجهه به نٿا چئي سگهون

هي به ڏسي سگهو ٿا

PCB Chairman Ehsan Mani will be visiting Karachi tomorrow

پي سي بي چيئرمين احسان ماني سڀاڻي ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني پهرين دوري تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے