13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز : کپرو: هٿونگي ۾ هر سال جيان هن سال به ساڌ  پرسنارام جي 110  هين ورسي جون  تقريبون جاري

کپري ڀرسان هٿونگي ۾ هر سال جيان هن سال به ساڌ  پرسنارام جي 110  هين ورسي جون  تقريبون انتهائي جوش ۽ جذبي سان جاري آهن،  مندر کي خوبصورت رنگين بلبن ۽ جهالرن سان سينگاريو ويو آھي.

 ورسي جي موقعي تي سائين پرسنارام منڊلي ۽ جهولي لال شيوا منڊلي جي  دولت ، رام چند ۽ بابو آرتي ڪري باقاعده ورسي تقريبن جو افتتاح  ڪيو.

ان موقعي تي  آيل شيوا ڌرين جو چوڻ هو ته سائين ساد پرسنارام هڪ عظيم سنت ٿي گذريو آھي جنهن ٻارهن سال هڪ وڻ  تي ويهي بنواس ڪيو.

هنن چيو تھ   سنڌ ولين ۽ سنتن جي ڌرتي آھي  اسان  جي سنتن به پيار محبت جو گيان ڏنو آھي.

تقريب جي موقعي تي  ڀڳت کيتارام ،  ڀڳت رانجهن داس  شڪارپور واري سميت عورتن ڀڄن ڳائي ڀڳتي ڪئي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے