13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪتاب اسان جا دوست آهن:ابورافع/علي نواز آريسر

پروفيسر محمد شريف شاد سومري جي لکيل

ادبي تاريخ

پروفيسر محمد شريف شاد سومرو اسان جو ناميارو اسڪالر آهي، سندس خدمتون سنڌي ادب ۾ سدائين ياد رهنديون. پر سندس ڪيل هن تازي پورهئي جو جواب نه آهي.

هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو ‘ادبي تاريخ’ آهي اهو ڪتاب فقط هڪ لکي تعلقي جي ادبي تاريخ آهي، جيڪا 1500ع کان 2000ع تائين جي دائري ۾ آهي، ڪنهن تعلقي جي تاريخ تي هن ڪتاب جهڙو ڪتاب لکڻ سچ پچ ان تعلقي، علائقي ۽ اتان جي رهواسين جو ڀاڳ آهي. سنڌي ادب جون ڪيتريون ئي تاريخون لکت ۾ آهن ۽ اينديون رهنديون پر سڀ اڻ پوريون ڀائنجن ٿيون. اسان جي مانائتي اسڪالر شاد سومري صاحب جنهن طريقي ۽ جنهن تفصيل سان تعلقي لکيءَ جي تاريخ لکي آهي، جيڪڏهن سڀني تعلقن ۽ ضلعن جون ان طرح ۽ ايتري تفصيل سان تاريخون لکيون وڃن ته هوند سنڌ جي مڪمل ادبي تاريخ لکڻ ۾ بنهه آساني ٿي پوي ۽ ان تاريخ کي ئي مڪمل سنڌ جي ادبي تاريخ ڪوٺي سگهبو.پروفيسر محمد شريف شاد سومري صاحب پنهنجي هن تاريخي ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي ۽ انهن ٽن ڀاکن کي ستن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هيءُ ست باب لکيءَ جي ادبي تاريخ جا ست دور به آهن، جيڪي ٻه هزار عيسويءَ تائين اچن ٿا. ڪتاب ۾ پندرهن سئو عيسويءَ کان اها سموري ادبي تاريخ سهيڙي وئي آهي، جيڪا هڪ ڳوٺ کان سفر ڪري اڄ هڪ اهم تعلقي تائين پهتي آهي. ڄاڻايل ستن ئي بابن ۾ انهن سڀني عالمن اديبن جو ذڪر ان ئي دائري ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري ڪتاب/هڪ حوالائي ڪتاب ريفرنس بوڪ بڻجي سگهيو آهي. ڪتاب جي ترتيب هن ڪتاب جي اهميت کي وڌايو آهي، ٻيءَ طرح هر تعقلي ۾ رهندڙ عالمن کي هوند پنهنجي تعلقي جي هن قسم جي تاريخ لکڻ گهرجي پر سوال آهي ته اهي سڀ عالم پروفيسر محمد شريف شاد سومرا آهن؟

اڄ جڏهن هر لکندڙ ٿوري وقت ۾ گهڻو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهڙي دور ۾ شاد صاحب جو هيءُ گهڻو وقت گهرندڙ ۽ نهايت سنجيدگيءَ وارو ڪم نهايت ترتيب سان ڇپجي جڏهن آڏو آيو آهي ته ان تي پيار اچي ٿو ته‘‘لکيءَ جي ادبي تاريخ’’ ايترا صفحا والاري سگهي ٿي، اهو شايد گمان گهٽ ٿيندو هوندو، پر شاد صاحب جنهن ترتيب سان لکي تعلقي جي تاريخ لکي آهي، ان تي ٻين دوستن/لکندڙن کي پڪ سان رشڪ ٿيندو. ٻيءَ طرح شاد صاحب تحقيق ۽ تاريخ جو لکندڙ آهي ان ڪري هو تاريخ ۽ تحقيق جي باريڪين کان واقف آهي، هيءُ ڪتاب پڻ سندس باريڪ ڄاڻ جو مثال آهي جيڪو اڄ سنڌ جي خاص توڻي عام پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.

پروفيسر محمد شريف شاد سومري صاحب جو هڪ اهم حوالو اهو مضمون به آهي، جيڪو گذريل سال هن سامي سيمينار شڪارپور ۾ ساميءَ بابت پرهيو هئو، ان قسم جا اڪيڊمڪ ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب سنڌي ادب کي اڄ ڪجهه گهٽ ملي رهيا آهن، سبب اهو اهي ته اڄ ڪلهه اسان جي لکندڙن کان محنت جو جذبو موڪلائي ئي ويو آهي، هو پذيرائيءَ جي جذبات ۾ ورتل وڌيڪ هن، جنهن سبب ئي سنڌي ادب ۾ ڪي شاهڪار لکڻيون نه اچي رهيون آهن، ٻيءَ طرح ڪو به لکندڙ پنهنجي پهرئين ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ عظيم ليکڪن جي لسٽ ۾ پنهنجي نالي ڏسڻ/لکڻ جو خواهشمند آهي. جن شخصن کي اهو شوق/تمنا نه آهي، اهي سائين شاد صاحب جهڙا هوندا آهن.

لکيءَ جي هيءَ ادبي تاريخ چار سئو ٽيهن صفحن تي ڦهليل آهي، ممڪن حد تائين تاريخ جو عيوضيپڻو ادا ڪندڙ پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو ملهه ڇهه سئو روپيا آهي ۽ هن ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇپائيندڙ ادارو آهي، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد.

شهمير چانڊئي جي لکيل

اُداس شهر جي لُٽيل تاريخ

شڪارپور، جنهن کي ماضيءَ ۾ سنڌ جو پئرس سڏيو ويندو هو، اهو شهر جيڪو قِسمين قِسمين خوشبوئن سان مهڪندو هو، هي شهر رڳو عطر ۽ عنبير جي خوشبوءِ سان واسيل ڪونه هو، پر هي شهر ته ماڻهپي جي مهڪ سان به مهڪندو هو. اهڙو شهر جڏهن اُجڙڻ شروع ٿئي ته ان شهر جي ماڻهن جا هيانوَ ڪورجي ويندا آهن، ۽ ان شهر جي تخليقڪار جون نه صرف اکيون روئنديون آهن، پر ان جو قلم به رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو آهي ۽ پوءِ هُو ان شهر جو جڏهن نوحو لکندو آهي ته هُو اهو مڃڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو آهي ته هي شهر به ڪو دنيا جي خوبصورت شهر سان ڀيٽي سگهجي ٿو! توڙي جو هن پنهنجن وڏڙن واتان ان شهر جي حُسن جي هاڪ به ٻُڌي هوندي آهي،  ان جي خوشبوءَ جو واس هن جي حواسن تي ڇانيل به هوندو آهي. پر اهڙا شهر فقط ڪتابن ۾ رهجي ويندا آهن، جيڪي مومل جي طلسمي ڪاڪ محل جهڙا هوندا آهن. اسان جي پياري دوست ۽ موجوده ٽهيءَ جي خوبصورت نثر نويس همير چانڊيي جڏهن شڪارپور جي تاريخ تي لکڻ شروع ڪيو ته هن ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪندي ان کي پئرس ڪونه ڪوٺيو، بلڪ ان جو نالو ئي رکيو ”اُداس شهر جي لُٽيل تاريخ“ همير جو هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي حُسناڪي سان ٽمٽار آهي، پوءِ به هيءُ ڪتاب اُداس شهر جي لُٽيل تاريخ ئي آهي. هيءُ خيال اڪيلي همير جو ناهي، پر هي خيال هر انهي ساڃاهوند ماڻهوءَ جو آهي، جنهن شڪارپور جي حقيقي حُسن کي پسيو هو، جنهن هن شهر ۾ هلندڙ بگي گاڏين ۾ سفر ڪيو هو، جنهن هن شهر جي ڪاٺ جي عمارتن کي ڏٺو هو، جيڪي ساڳ ۽ ديال جي وڻن سان ٺهيل هيون، جنهن هن شهر جي شاهي باغ ۽ گڻيش باغ ۾ پکين جي چِر چِر ٻڌي هئي. جڏهن شين مان حُسن جو موهه موڪلائي وڃي ته ڪهڙي دل ان کي چوندي ته ها هيءُ شهر اُهو ساڳيو آهي، جنهن شهر ۾ ڪو هندو-مسلم جو ويڇو نه هو، جنهن شهر ۾ ڏياري، هولي ۽ عيد جي ڏهاڙن ۾ ڪو فرق نه هو، جڏهن هندُن جي عيد ٿيندي هئي ته هندو توڙي مسلمان هوليءَ جي رنگن ۾ هڪٻئي کي رڱي لال ڪري ڇڏيندا هئا.

اسان جي دوست هن شهر جي تاريخ لکندي نه فقط اُن جي سُونهن جا جلوا پسايا آهن، پر ان جي درد ڀري تصوير به سامهون آندي آهي، جيڪا هاڻي ڏينهون ڏينهن ڌُنڌلي بڻجندي پئي وڃي، جنهن سياست هن شهر جي انهي سونهن کي لُٽيو آهي، انهن جا چهرا به سامهون آندا آهن. همير ئي پڇي ٿو ته ڪٿي آهن اهي ’گڻيش باغ ۽ شاهي باغ؟‘ڪٿي آهي اُها ’هينري هالينڊ‘ اکين جي اڪيلي اسپتال؟ ڪٿي آهي راءِ بهادر اوڌو داس جي اُها ’خيراتي اسپتال؟‘ جيڪا اوڌو داس جو خواب به هُئي؟ ان خواب جي لُٽجڻ جو درد همير جي هنن سٽن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته:

هيءُ شهر، جنهن ۾ ساميءَ جي مڙهي به آهي، جنهن ۾ شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ جو خواب به آهي، جنهن ۾ شهيد الهه بخش سومري ۽ شهيد قيوم منگيءَ جو ويساهه به آهي، انهي شهر کي جڏهن گندي سياست جو گٽر بڻايو ويو ته هن شهر جون رُڳو رونقون ڪونه مُرجهايون هُيون، پر هن شهر جون بازارون به ويران ٿي ويون، ٽانگا ۽ بگي گاڏيون به الائي ڪٿ ۽ ڪهڙي غفا ۾ هليون ويون ۽ شهر جي خوبصورت عمارتن جا نالا مٽجڻ لڳا ته همير جهڙن تخليقڪارن کي به لکڻو پئجي ويو ”اُداس شهر جي لُٽيل تاريخ“ هيءُ شهر جيتوڻيڪ منهنجو خواب ئي رهجي ويو، جيڪو شايد ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهي، پر همير جو هيءُ ڪتاب پڙهندي منهنجي ذهن ۾ شڪارپور جي حُسن جو واڌارو ضرور ٿيو آهي، جيڪو ڪنهن ناول جي پلاٽ کان گهٽ هرگز ناهي. هونئن به جيڪا تخليق ذهنن کي جنجهوڙي نه سگهي اُها تخليق اجائي ۽ ڇسي ئي ليکبي آهي، پر اسان جي هن دوست جي تخليق ته ذهنن سان گڏ دلين کي به گرمائي وجهندڙ آهي. هي جڏهن ٻاليشاهيءَ جو درد ٿو چِٽي ۽ ان ٻاليشاهيءَ کي ڌرتي ڌڻي ۽ نج نسل ٿو ڪوٺي ته هر پاڙهو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ٻاليشاهي ٻار سمجهڻ جا خواب ڏسڻ ٿو لڳي

[email protected]

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے