15 ہفتہ , دسمبر 2018

سينيٽ چونڊون 2018

                         ملڪ جي پارلياماني ۽ وفاقي جمهوري نظام جي اهم ۽ مٿاهين ايوان سينيٽ آف پاڪستان جون چونڊون گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي نگراني ۾ ڪرايون ويون، جنهن ۾ چئني صوبن جي اسيمبلي ميمبرن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سينيٽ چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، سنڌ، پنجاب اسيمبليءَ ۾ 12-12 سينيٽرن جي چونڊ ڪئي وئي، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ 11-11 سينيٽرن جي چونڊ ڪئي وئي، جڏهن ته فاٽا جي چئن سينيٽرن ۽ اسلام آباد جي ٻن سينيٽرن جي چونڊ ڪئي وئي. جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

52 سيٽن تي 135 اميدوارن چونڊن ۾ فارم جمع ڪرايا، جنهن ۾ 65 آزاد اميدوارن فارم جمع ڪرايا هئا، فاٽا مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن فاٽا جي چئن سينيٽرن جي چونڊ ڪئي جڏهن ته اسلام آباد لاءِ قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

سنڌ مان 10 پ پ، هڪ ايم ڪيو ايم، هڪ فنڪشنل ليگ جا سينيٽر چونڊيا ويا، پنجاب اسيمبلي ۾ 11 سينيٽرن کي مسلم ليگ ن جي حمايت حاصل هئي، جيڪي ڪامياب ٿيا ۽ هڪ سينيٽر پي ٽي آءِ جو چونڊيو ويو.

جڏهن ته خيبرپختونخوا جي 11 سينيٽرن مان پي ٽي آءِ جا 5، جي يو آءِ جا 2 ، قومي وطن پارٽي جو هڪ، مسلم ليگ ن جا 2 سينيٽر ڪامياب ڄاڻايا ويا آهن.

بلوچستان جي 11 سينيٽرن مان 8 آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي، نيشنل پارٽي جو هڪ، جي يو آءِ جو هڪ، پشتون خواهه(نيپ) جو حمايت يافته هڪ اميدوار ڪامياب ٿيو آهي.

سينيٽ چونڊون ۽ ملڪي سياست جو پس منظر.

مسلم ليگ پنجاب مان 11 سينيٽر چونڊرائڻ سميت خيبرپختونخوا مان 2 سينيٽر، اسلام آباد مان 2 سينيٽر چونڊرائي سنڌ ۽ بلوچستان مان بي دخل ٿي آهي ۽ صرف پنجاب جي وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي هارائي 10 سينيٽ جون سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان مان آئوٽ ٿي صرف سنڌ جي وڏي پارٽي طور سامهون آئي آهي. جڏهن ته آزاد اميدوارن ۽ ننڍين پارٽين جا سينيٽر ايندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جنهن جي ڪري ننڍين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جي حيثيت سان چونڊون کٽندڙ سينيٽرن جي اهميت خاصي وڌي وئي آهي. سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اصل مقابلو پوئتي رهيل آهي. پي ٽي آءِ جي پارٽي پوزيشن به صرف خيبرپختونخوا تائين محدود رهي جنهن اتان 5 سيٽون ۽ هڪ پنجاب مان نصيب ٿي آهي، اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ ن ملڪ جي اڪثريتي ۽ وڏي پارٽي طور سامهون آئي آهي ۽ پ پ ٻئي نمبر ۽ پي ٽي آءِ ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي. اصل مقابلو مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي وچ ۾ ٿيڻو آهي.

پ پ 18 ميمبرن جي رٽائر ٿيڻ جي بدران صرف 10 سيٽون کڻي سگهي، جنهن ۾ 8 سيٽون پ پ جون گهٽيون آهن. جڏهن ته مسلم ليگ ن جي 9 رٽائر ٿيندڙ ميمبرن جي ڀيٽ ۾ 15 سيٽون کٽي 6 سيٽون وڌايون آهن. اهڙي ريت پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر جي رٽائر ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ 6 سيٽون کٽي 5 سيٽون وڌيڪ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي.

سينيٽ چونڊن ۾ جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي ان ۾ ننڍين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يا حمايت ڪرڻ سان ئي سينيٽ چيئرمين چونڊجي سگهي ٿو، جڏهن ته پارٽي پوزيشن ٺاهڻ لاءِ جوڙ توڙ توڙي هارس ٽريڊنگ/گهوڙن جي واپار جي پڙي به لڳي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار جي مستند ماڻڻ لاءِ سياسي پارٽيون پنهنجي سمورن حيلن ۽ وسيلن کي ڪتب آڻيندي پنهنجي پارٽيءَ جو سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ جو وس ڪنديون. جيڪي چونڊون ايندڙ عام چونڊن تي پنهنجا اثر ڇڏي سگهنديون ۽ سينيٽ ۾ سوڀ ماڻيندڙ پارٽي ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ ملڪ جو وزير اعظم پنهنجي پارٽيءَ جو آڻين، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اتحاد جا به ڄڻ ته دروازا کلي ويا آهن.

آچر 4 مارچ  2018ع، 15 جمادي الثاني 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثقافتي ڏينهن جو نعرو: تعليم پرايو، ثقافت بچايو

دنيا ۾ ڪنهن به قوم جو ثقافتي ورثو نه صرف ان قوم جي سڃاڻپ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے