11 منگل , دسمبر 2018

نيوز: پي ايس 7 تي اڄ ننڍي چونڊ جو دنگل، چوٽي جي مقابلي جا امڪان

*پي ايس  ست تي اڄ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن۾پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي نامزد اميدوارن وچ ۾چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آهي.

ننڍي چونڊ سبب گهوٽڪي ضلعي ۾ اڄ عام موڪل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏين لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پي ايس ست ۾ ميرپورماٿيلو ۽ ڏهرڪي تعلقن جا علائقا شامل آهن ووٽن جو تعداد هڪ لک 79 هزار 843 آهي.

پي ايس ست تي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار عبدالباري پتافي ۽ فنڪشنل ليگ جي اميدوار عبدالمالڪ عرف ميان مجن وچ ۾ ننهن چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آهي.

ياد رهي ته پي ايس ست احمد علي پتافي جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي آهي جنهن تي اڄ پولنگ ٿي رهي آهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عدالت پاران انڊس اسپتال جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي قبر ڪشائي جو حڪم

بدين ۾ ھڪ مھينو اڳ انڊس اسپتال انتظاميه جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٽن مھينن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے