15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪيترن ئي ڏينهن کان بيمار بالي ووڊ اداڪار عرفان خان جي مداحن دعا جي اپيل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو نالي وارو اداڪار عرفان خان ڪيترن ئي ڏينهن کان بيماري جو شڪار آهي، تنهن هوندي هينئر تائين بيماري جي سُڃاڻپ ٿي نه سگھي آهي جڏهن ته هن پنهنجن مداحن کي دعا جي اپيل پڻ ڪئي آهي. گذريل ڏينهن عرفان خان پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجن مداحن کي دعا جي اپيل ڪندي چيو ته هو گُذريل 15 ڏينهن کان طبيعت ۾ خرابي محسوس ڪري رهيو آهي. اداڪار فلسفياڻو انداز اختيار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته توهان بيزار ٿي ويندا آهيو ته زندگي ۾ ايندڙ هر جھٽڪو توهان کي جاڳائيندو آهي ۽ گذريل 15 ڏينهن کان سندس زندگي بي يقيني ٿي وئي آهي. هُن ٻُڌايو ته منهنجي فلم ۽ منهنجا دوست ان بيماريءَ کي جاچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيئن ئي خبر پئجي ويندي هو سڀ کي ٻُڌائيدو في الحال هو پاڻ پنهنجي بيماري بابت نٿو ڄاڻي. هن لکيو ته 10 ڏينهن اندر پاڻ ئي پوسٽ ذريعي ٻُڌائيندو ته ڪهڙي خطرناڪ بيماري ٿي آهي.عرفان خان پنهنجي بيماري جي حوالي سان سمورن مداحن کي درخواست به ڪئي ته ڪو به  سندس بيماري بابت افواهون نه پکيڙي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خان جو مقابلو خان سان: سلمان ۽ فواد بهترين قرار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) عيدالفطر تي پاڪستاني سئنما ۾ سلمان خان جي فلم ڀارت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے