16 اتوار , دسمبر 2018

بالي ووڊ ادڪارا ”شمي آنٽي“ 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي (شوبز نيوز) دادا ناني ۽ ماءُ جا بهترين ڪردار ادا ڪندڙ ڀارتي اداڪارا شمي 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ادڪارا شمي جو اصل نالو نرگس ربادي هو، پر بالي ووڊ انڊسٽري ۾”شمي آنٽي“ جي نالي سان مشهور ٿي. شمي آنٽي پنهنجي فلمي ڪيرئير ۾شمي آنٽي ڪيترائي مزاحيه توڙي سنجيدا ادڪاري جا يادگار ڪردار ادا ڪيا. ادڪارا شمي فلمن کانسواءِ  ننڍي اسڪرين تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي انکاسواءِ 200 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا پڻ ڏيکاريا جن ۾ ڪُلي نمبر ون، گوپي ڪشن، هم ساٿ ساٿ هين تمام گهڻي  مشهوري ماڻي. اداڪارا جي لاڏاڻي واري خبر تي بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن ٽوئٽر تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس هڪ تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته ادڪارا سخت بيماري سبب لاڏاڻو ڪيو، هوريان هوريان سڀ دور ٿيندا پيا وڃن ٻئي پاسي ٻين اداڪارن سميت مداحن طرفان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shakira charged with $16 million tax evasion in Spain

مشهور گلوڪارا شڪيرا تي ٽيڪس چوري جو الزام

ميڊرڊ ( شوبز نيوز  ) اسپين جي پراسيڪيوٽر مشهور ڳائڻي شڪيرا تي ٽيڪس چوري جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے