15 ہفتہ , دسمبر 2018

عورتن جي حقن جي جدوجهد

حنيف   سوڍر

تاريخ اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته، عورت صدين کان انصاف، برابري، امن و امان، ترقي ۽ جائز حقن ماڻڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندي رهي آهي. 1910ع ۾ سوشلسٽ انٽرنيشنل پارٽي ڪوپن هيگن ۾ عورتن لاءِ پهريون ڀيرو عورتن جي حقن بابت عالمي ڪانفرنس ڪرائي سماجي سرگرميون جاري رکيون. 8 مارچ 1957ع ۾ امريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ”گارمينٽ“ نالي هڪ فيڪٽريءَ کي باهه لڳڻ سبب ڪم ڪندڙ 140 مزدور عورتون اجل جو شڪار ٿيون. ان کان پوءِ امريڪا جي مختلف ٽيڪسٽائل ملن ۾ ڪم ڪندڙ هزارن جي تعداد ۾ عورتون روڊن تي جلوس جي صورت ۾ نڪري آيون، جنهن ۾ هنن پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ، ووٽ جو حق ڏيڻ، ڪم جو وقت گهٽائڻ وغيره جهڙا جائز مطالبا ڪيا. عورتن جي اهڙي احتجاج جو سلسلو ٻن سالن تائين جاري رهيو. ايئن نيويارڪ جي مزدور عورتن ليبر يونين جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي.

19 مارچ 1911ع ۾ عورتن سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ جرمني ۽ آسٽريا جي بادشاهه خلاف مظاهرو ڪيو.

8 مارچ 1915ع تي عورتن پهريون ڀيرو عالمي جنگ خلاف ناروي جي دارالحڪومت اوسلو ۾، احتجاج ڪيو.

8 مارچ 1917ع ۾ جڏهن روس جا هڪ ملين سپاهي، هڪ جنگ ۾ شهيد ٿيا، تڏهن روس جي عورتن پنهنجي حقن خاطر ”Bread and Peace“ جو نعرو بلند ڪيو. چار ڏينهن مسلسل احتجاج ڪرڻ کان پوءِ روسي حڪومت کين، ووٽ ڏيڻ جو حق پڻ ڏنو.

8 مارچ 1937ع اسپين جي عورتن جنرل فرانڪو جي آمريت خلاف مظاهرو ڪيو.

8 مارچ 1943ع اٽلي جي عورتن سوليني فاشسٽ آمريت جي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

8 مارچ 1974ع ۾ ويٽنامي عورتن امريڪا جي سامراجيت خلاف مظاهرو ڪيو.

ايئن عورتن جي معاشي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي ڪاميابين جي نتيجي ۾ دنيا ۾ 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو آغاز ٿيو. ان خاص ڏينهن جي شروعات 8 مارچ 1957ع ۾ نيويارڪ کان ٿي. ثقافتي، ٻولي، معاشي ۽ سياسي حوالي سان جدا هوندي به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون عورتون گڏجي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائينديون آيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن اندر ان ڏينهن تي عام موڪل هوندي آهي. اهڙيءَ ريت 8 مارچ 1957ع کان عورتن جي حقن ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد هلندي پئي اچي. جيڪر موجوده ترقي يافته دور تي ويچار ڪري ڏسبو ته، معلوم ٿيندو ته، عورتن پاران سماجي سرگرمين ۽ ليبر فورس جوائن ڪرڻ ۾ رڪارڊ قائم ڪرڻ باوجود اڄ تائين سندن ترقي جي راهن جي رڪاوٽن جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي.

ڪجهه هفتا اڳ صحت جي عالمي اداري (World Health Organization) جي تحقيقي رپورٽ مطابق دنيا ۾ 70 سيڪڙو عورتون گهريلو ۽ جنسي تشدد جو شڪار آهن. جڏهن دنيا ۾ عورتن پاران مي ٽو (MeToo) جو ٽرينڊ استعمال ڪيو ويو. تڏهن دنيا ۾ سوشل ميڊيا ذريعي سيڪڙو عورتن تقريري ۽ تحريري بيانن ۾ پنهنجيون ذاتي ڪهاڻيون، تجربا ۽ واقعا جنبش ۾ آڻيندڙ جملن ۽ ڏکاري لهجن سان وائکا ڪري نه صرف ايوانن، پر انساني حقن وارين ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ ڏڪائي ڇڏيو. روزمره عورت تي ٿيندڙ مختلف قسمن جا المناڪ پرتشدد واقعا نه صرف آمريڪا، برطانيا تائين محدود آهن، پر آسٽريليا، جرمني، هندوستان، هالينڊ کان ويندي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ معمول بنيل آهن. غير اخلاقي ۽ غير انساني اهڙي خطرناڪ ڊوڙ ۾ پاڪستان جهڙي قدامت پسند ملڪ جو مشهور ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ بيوقوفي هوندي ته، عورت کي سماجي، اقتصادي ۽ معاشي حق ۽ کيس سماجي برابري ڏيڻ بنا قومن جي ترقي ڪرڻ ۽ خوشحالي ناممڪن آهي. جنهن سماج ۾ عورت جي تعليم کي عيب تصور ڪيو وڃي يا کيس عزت ۽ غيرت جهڙي لفظن جي آڌار ۽ رسمن رواجن جي اوٽ ۾ نياڻين کي گهٽ ۾ گهٽ پرائمري يا وڌ ۾ وڌ مڊل يا مئٽرڪ تائين تعليم پرائڻ کان پوءِ چوديواريءَ اندر ان سوچ هيٺ قيد ڪيو وڃي ته، هو هاڻي وڏيون ٿي ويون آهن ۽ پنهنجي زندگي سٺي نموني گذارڻ لائق ٿي ويون آهن، يا ته وري هو هاڻي برو ڀلو سمجهي سگهن ٿيون. جن سببن هيٺ نه صرف ازدواجي زندگي متاثري ٿئي ٿي، پر خاندانن جا خاندان تباهيءَ طرف ڌڪبا رهبا آهن، جيڪا قومن جي وجود لاءِ انتهائي خراب صورتحال هوندي آهي. متاثر اهڙي معاشرن ۾، جتي لڪن کان لڙي ويندڙ سج لڙڪن ۽ سڏڪن جي انبارن سان لهي وڃي ۽ وري صبوح ويلي مايوسين جا جهول ڀري اڀري اچي ته، اتي تعليم پرائيندڙ يا ملازمت ڪندڙ آئيڊيل خاندان سان واسطيدار نياڻين جو به جيئڻ جنجال ٿيو وڃي.

اسان جي سماج ۾ شهرن کان ويندي ٻهراڙيءَ وارن علائقن تائين اڪثر عورتون اوڙي پاڙي وڃڻ يا گهر جي ضروري سازو سامان جي خريداري ڪرڻ دوران ڪيئي ڀيرا اهڙن مقامن، روڊ رستن، چونڪن وغيره کان گذرنديون آهن، جتي روز جي معمول مطابق مردن جي آمدورفت عام ڳالهه آهي. ان جو اهو مطلب ناهي، ته مرد پنهنجي طاقت جو ناجائز استعمال ڪندي، کين ناپاڪ نگاهن سان الرون ڪري، يا ساڻن ناپسنديده لفظن سان مخاطب ٿئي، ۽ غيراخلاقي مقصدن لاءِ مٿن ناجائز الزام لڳائي، سندن پيڇو ڪري يا غير اخلاقي مقصدن خاطر کين موت مار ڌمڪيون ڏيئي، منجهن خوف ۽ حراس ڦهلائي، مختلف طريقن سان اذيتون ڏيئي، پريشان ۽ هراسان ڪري. اسان وٽ روزانو اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ننڍن معصوم ٻارن ۽ مظلوم نياڻين سان ٿيل وحشت ۽ بربريت جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. هر گلي، هر رستي ۽ هر موڙ تي ڪنهن وقت به عورت سان درپيش ايندڙ مشڪلاتن سبب بيگناهه نياڻيون ظلمتن جي ور چڙهي وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ جيئن جيئن تعليم ۽ ترقيءَ ۾ واڌارو ايندو ويندو، تيئن تيئن مبتلا معاشري جو مستقبل اونداهو ٿيندو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے