15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سياسي فڪر کي ڪتابن مان ڪڍي ماڻهن تائين پهچايو:کاٻي ڌر جا اڳواڻ

حيدرآباد (رپورٽر) کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن، قوم پرستن، دانشورن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن ڪامريڊ ڄام ساقي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي سياسي فڪر کي ڪتابن مان ڪڍي ماڻهن تائين پهچايو، ڪامريڊ ڄام ساقي عالمي انقلابي تحريڪن جو تسلسل هو، ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ نالو ۽ هڪ فرد نه پر سياسي نظريو هو، ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي، هو پنهنجي نظرياتي ۽ آدرشي سياست جي ذريعي سدائين زندهه رهندو، سياسي رواداري ۽ سهپ ڪامريڊ ڄام ساقي جي سڃاڻپ رهي. اهڙو اظهار هنن ڪامريڊ ڄام ساقي جي ٽيجهي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي  نامياري سياسي دانشور ۽ کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو ته ڄام ساقي لطيف جو کاهوڙي ڪردار هو، ڪامريڊ ڄام ساقي سياسي فڪر کي ڪتابن مان ڪڍي ماڻهن تائين پهچايو، هو عالمي انقلابي تحريڪ جو وڏو اڳواڻ هو. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي فڪر سان لاڳاپيل سمورا ساٿي ان جا وارث آهن، سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪ تڏهن طاقتور بڻجي سگهي ٿي جڏهن ڄام ساقي جهڙا اڳواڻ ان کي ملندا. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سميت ڪيترائي اهڙا ڪردار هئا جن سياسي مزاحمت ڪئي، ڪامريڊ ڄام ساقي روادار شخصيت جو مالڪ هو. پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامرهه چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جا سڄي ملڪ ۾ پوئلڳ موجود آهن، هن جي سياسي شخصيت ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سينيٽ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڳالهه نڪتي ته هن جي سياسي جدوجهد تي ملڪ جي سمورن صوبن جا سينيٽر ڳالهائڻ لڳا. کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ يونس مهر چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جو وڇوڙو هڪ دور جي پڄاڻي آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي شاهي قلعي جو فاتح هو، ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سياست ۾ نيون روايتون قائم ڪيون، هن پاڪستان ۾ اها حيثيت حاصل ڪئي جيڪا وڏين گاڏين ۽ پئسن وارا حاصل نه ڪري سگهيا. تقريب کي ايڊووڪيٽ شبير شر، ڊاڪٽر دودي مهيري،کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان ميمڻ،ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙي، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهي، خليل قاضي، اشفاق ميمڻ، صوفي عبدالخالق، صحافي نعمت کهڙي، هاشم لغاري، ليکڪ ۽ شاعر عنايت بلوچ، سينيئر صحافي ۽ کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ مهيش ڪمار، نامياري شاعر ۽ اديب نور احمد جنجهي، جاويد قاضي، ڪامريڊ اسلم، سهيل سانگي، ڪامريڊ عرس سيلري، قيمت سنڌي، محبوب ابڙي، سليمان ڏاهري، علي احمد بروهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي جي پٽن سجاد ظهير، سارنگ ڄام، سرواڻ ڄام، نياڻي بختاور ڄام، ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان جنجهي ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو پڻ جاري رهيو، ڪالهه ڪامريڊ ڄام ساقي جي تڏي تي عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ابرار قاضي، امان الله شيخ، نذير قريشي، سماجي اڳواڻ پنهل ساريو، لالا رحمان سمون، فاروق سومرو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، وهاب پنڌراڻي، آڪاش سنتورائي، ڊاڪٽر نياز سومرو، محمد عثمان منگي، پروفيسر اعجاز قريشي، ڪامريڊ وزير لاکو، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، خليل کنڀاٽي، ڪامريڊ اقبال، عزيز سومرو ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي، جڏهن ته دعا کانپوءِ لنگر پڻ ورهايو ويو.  حيدرآباد: ڪامريڊ ڄام ساقي جي تيجهي جي موقعي تي نامياري راڳي برڪت فقير مرشد لطيف لطيف جون وايون ڳائي ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪئي.17

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے