15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪوئٽا مزاحمت ڪندي نيٺ ملتان سلطان کي هارائي ڇڏيو

دبئي( اسپورٽس نيوز) ڪوئٽا نيٺ  ملتان سلطان کي هارائي ڇڏيو، ملتان پهرين بيٽنگ ڪندي 153 رنسن جو هدف ڏنو. ملتان جون پهريون ٻه وڪيٽون صرف ٻن وڪيٽن تي ڪري پيون. سهيل تنوير ڪجهه شات هنيا، واٽسن هٿانسندس ڪئچ به ڊراپ ٿيو. شعيب ملڪ  ففٽي هڻي ٽيم کي سهارو ڏنو. صهيب مقصود 27 رنسون ٺاهيون.پولارڊ 16 رنسون ٺاهيون. محمد نواز، واٽسن، لافلن، انور علي  ۽ راحت علي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان جنيد خان ۽ براوو جي جاءِ تي عمر گل ۽ روس وائٽلي کي کنيو. عمر گل کي کڻڻ جو فيصلو درست ثابت ٿيو. ڪوئٽا گليڊيئٽرز  جي شين واٽسن شروع ۾ ٽيم جي اسڪور ۾ تيزي ڏيکاري پر هو عمر گل جي بالنگ تي ڪئچ ٿي ويو. اسد شفيق به 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪيون پيٽرسن شعيب ملڪ هٿان آئوٽ ٿيو. ملتان جون وڪيٽون ڪرنديون رهيون. عمر گل 6 وڪيٽون ورتيون. آخري اوور ۾ ڇڪو هڻي ڪوئٽا مئچ کٽي ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے