13 جمعرات , دسمبر 2018

شهباز شريف جي ڪرپشن سبب پنڊي ميٽرو خساري ۾ آهي: عمران

بني گاله (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته راولپنڊي ميٽرو منصوبي جي آڊٽ رپورٽ ۾ ڳري مالي خساري جي نشاندهي ٿي آهي. عمران خان چيو ته راولپنڊي ميٽرو منصوبي جي آڊٽ رپورٽ ۾ 5 ارب رپين جو نقصان سامهون آيو آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شهباز شريف جي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عمل جي ڪري راولپنڊي ميٽرو منصوبو 5 ارب رپين جو خسارو ڪري چُڪو آهي. ان رقم مان شوڪت خانم جهڙي هڪ بهترين اسپتال ٺاهي سگھجي پئي. عمران خان چيو ته جڏهن به ميٽرو ۽ اورنج لائن جهڙن منصوبن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي اهو راز کلندو ته خساري سان هلندڙ انهن منصوبن جي تعمير جو مقصد ڪميشن کائڻ ۽ ڪڪ بيڪس سان ٽجوڙيون ڀرڻ هو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمرن سدائين جنگيون هارايون، سياستدانن ملڪ بچايو: خورشيد شاهه

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ايم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے