15 ہفتہ , دسمبر 2018

نواز شريف خلاف ڪيس مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 2 مهينا مهلت، جج جي نوڪري جي مدي ۾ به واڌ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز ۾ 2 مهينن ۽ اسحاق ڊار جي خلاف 3 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خاص بينچ جوابدارن جي خلاف ٽرائل جي مدي ۾ واڌ بابت ٻڌڻي ڪئي. ياد رهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ احتساب عدالت کي شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز جو ٽرائل 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻو هو جنهن جو مدو 13مارچ تي مڪمل ٿي رهيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير سپريم ڪورٽ کان ٽرائل لاءِ وڌيڪ وقت گهريو هو. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل چيو ته احتساب عدالت جي جج اسان کان جيڪا درخواست ڪئي ان ۾ گهر وقت ناهي ٻڌايو ويو جنهن تي نيب جي وڪيل چيو ته شريف خاندان جي خلاف تقريبن هڪ مهينو ۽ اسحاق ڊار جي خلاف ڪيس مڪمل ڪرڻ ۾ ان کان وڌيڪ وقت گهربل هوندو. جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته وڪيل صفائي طرفان ٽرائل ۾ ڊير لاءِ ڪي حربا استعمال ڪيا ويا جنهن تي نيب جي وڪيل ٻڌايو ته شريف خاندان طرفان هن وقت تائين ڪو به دير وارو حرٻو استعمال ٿيندي نظر ناهي آيو. عدالت احتساب عدالت کي شريف خاندان جي خلاف ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 2 مهينن ۽ اسحاق ڊار جي خلاف ريفرنسز اُڪلائڻ لاءِ وڌيڪ 3 مهينن جو وقت ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن قانون واري سيڪريٽري سپريم ڪورٽ کي شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪندڙ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جج محمد بشير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو ۽ سيڪريٽري قانون کي طلب ڪندي جواب گهرايو هو. عدالت جي سامهون پيش ٿي قانون واري سيڪريٽري خاطري ڪرائي ته ڪجهه ڏينهن ۾ جج محمد بشير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ٿي ويندي. قانون واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 26 فيبروري تي جج محمد بشير جي واڌ واري سمري ملي جنهن کي وزير اعظم سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪليو ويو آهي جيڪا 12 مارچ کان اڳ منظور ٿي ويندي. احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر خلاف دائر ٻن نيب ريفرنسز ۾ استثاثه جي 3 گواهن جا بيان قلمبند ڪري ورتا ۽ ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اربع تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير فليگ شپ انويسمنٽ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا. محمد نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس اصيل جي طبيعت خراب آهي تنهن ڪري کيس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي حاضري هڻي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے