13 جمعرات , دسمبر 2018

جنگين جي خاتمي لاءِ ترڪي مان نڪتل قافلو اڄ شامي سرحد پهچندو

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي شهر استنبول مان شروع ٿيل 3 ڏينهن وارو “وجدان قافلو” مختلف شهرن مان ٿيندي اڄ شامي سرحد تي پهچندو جتي جنگ مان متاثر ماڻهن ۾ امدادي سامان به ونڊيو ويندو. ترڪي جي شهر ازمت، سڪاريه، انقره، عڪسراءِ ۽ ادنا مان ٿيندو امدادي قافلو اڄ شام جي سرحد ري ريحانلي ۾ پهچندو جنهن ۾ پاڪستان جون 4 قومي اسيمبلي ميمبر شڪيله قمر، منزه حسن، عائشه سيد ۽ ڊاڪٽر فوزيه به شريڪ آهن. قافلي ۾ شامل عورتن جو انگ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جن عالمي طاقتن تي زور وڌو ته هو پهريان کان جاري جنگيون فوري طور ختم ڪري ۽ ڪا به نئين جنگ شروع ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. وجدان ڪانواءِ نالي ان قافلي جو انتظام ترڪي جي غير سرڪاري تنظيم آءِ ايڇ ايڇ ڪيو آهي،. جنهن ۾ دنيا جا 50 کان ملڪن ۽ سمورن مذهبن سان لاڳاپيل عورتون شريڪ آهن. وجدان ڪانواءِ جو مقصد گڏيل قومن جي ضمير تي صحيح ڏئي کين اهو احساس ڏيارڻ آهي ته جتي جتي به جنگيون وڙهيون پيون وڃن اتي جون عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملائيشن وزيراعطم جي گهرواريءَ تصوير ڪڍرائڻ وقت عمران خان جو هٿ ڇو پڪڙيو ؟

ڪوالالمپور ( ويب ڊيسڪ ) گذريل مهيني وزيراعظم عمران خان جي دوري دوران ملائيشيا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے