21 اتوار , اکتوبر 2018

گري لسٽ بابت صورتحال جون مهيني تائين واضح ٿي ويندي: گهرو سيڪريٽري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته پاڪستان جو نالو ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي جون تائين صورتحال واضح ٿي ويندي. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس رحمان ملڪ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان کي دهشتگردن جي مدد ڪندڙ ملڪن جي واچ لسٽ ۾ وجهڻ کان روڪڻ جي قدمن جو جائزو ورتو  ويو. اجلاس دوران پرڏيهي ۽ گهرو وزارت جي اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ ٻڌايو ته پاڪستان کي گري لسٽ جي معاملي تي ٽن مهينن جي مهلت ڏني آهي. ايندڙ هفتي ناڻي واري وزارت ۾ اهم اجلاس ٿيندو جون تائين صورتحال واضح ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آذر بائيجان پاڪستان کي 10 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آذر بائيجان پاڪستان کي تيل ۽ پئٽروليم شين جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے