13 منگل , نومبر 2018

علي جهانگير صديقي آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) علي جهانگير صديقيءَ کي آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي. آمريڪا ۾ پاڪستان جو موجوده سفير اعزاز چوڌري پنهنجي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويو آهي جنهن بعد حڪومت نئين سفير جي مقرري جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب جي ايس گروپ جي مالڪ جهانگير صديقي جي پٽ علي جهانگير کي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ مهيني هو پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.  ذريعن موجب علي جهانگير صديقي جي ايس گروپ جو سي اي او هو ۽ هن وزيراعظم جو  خاص مددگار مقرر ٿيڻ بعد بزنس کان عليحدگي اختيار ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے