16 اتوار , دسمبر 2018

مسلم ليگ ن طرفان سينيٽ چيئرمين لاءِ گهربل اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ڪميٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ نامزد ڪيل اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪئي آهي. پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ پارٽيءَ جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چار رڪني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر پارٽيون سينيٽ چيئرمين لاءِ نواز شريف جي تجويز جون حامي آهن ۽ هنن سينيٽ چيئرمين لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ ن کي سينيٽ ۾ گهربل اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي، هاڻي مسلم ليگ ن آساني سان چيئرمين چونڊرائڻ جي پوزيشن ۾ آهي. نواز شريف ڪميٽي جي رپورٽ تي اعتماد جو اظهار ڪيو  جڏهن ته آصف علي زرداري طرفان رضا رباني جو نالو رد ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جمهوريت کي مضبوط ۽ پارليامينٽ کي بالادست ڪرڻ چاهيون ٿا. ذريعن موجب رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته چيئرمين جو تعلق مسلم ليگ ن ۽ ڊپٽي چيئرمين جو تعلق اتحادي پارٽي سان ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

5 سالن ۾ گهڻيون نوڪريون ڏئي وينداسين: رزاق دائود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار رزاق دائود چيو آهي ته 5 سالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے