13 جمعرات , دسمبر 2018

ٻٽي شهريت ڪيس: چوڌري سرور کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ چوڌري سرور کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻٽي شهريت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري سرور عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته 2013ع ۾ برطانوي شهريت ڇڏي چڪو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻٽي شهريت جو فيصلو 2012ع ۾ آيو ته پوءِ سندس نااهلي تنهن وقت کان شروع ٿيڻ گهرجي، هي پاڪستان جي نمائندگي آهي جتي فائدو ٿي اتان جي شهريت وٺي ڇڏيو، هتان جا مذا ڏٺا ته هتي واپس اچي ويا، چونڊن کان 2 ڏينهن اڳ وطن سان محبت ياد اچي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪيس کي اسلام آباد ۾ ٻڌنداسين، توهان پنهنجو حلفي بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو جڏهن ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو ته تڏهن قسم کڻي سگهبو. عدالت ڪيس ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے