13 جمعرات , دسمبر 2018

سينيٽ چيئرمين لاءِ پارلياماني گروپن ۽ اتحادين سان صلاحون جاري آهن: سعد رفيق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين لاءِ اڃا تائين ڪنهن کي نامزد ناهي ڪيو، سياسي ٽيم جوڙي آهي، جيڪا اتحادين ۽ پارلياماني گروپن سان ملاقات ڪندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعد رفيق جو چوڻ هو ته پير صاحب پاڳاري غير مشروط حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، ايم ڪيو ايم ۽ پير پاڳاري سان ملاقات ڪنداسين. هن چيو ته رضا رباني جو نالو نواز شريف سچائي سان ڏنو، سندس نالو ڇو رد ٿيو؟ ان بابت آصف زرداري ئي بهتر ڄاڻي ٿو، شايد آصف زرداري کي اهو نالو خراب لڳو. سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن تي پ پ سان نه پر زرداري صاحب سان شڪايت آهي، چونڊن ۾ ٻين پارٽين جا ووٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ميمبرن بدران سڌو سنئون پارٽين سان رابطو ڪرڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے