16 اتوار , دسمبر 2018

رونڪي جي حارجاڻي اننگز، لاهور قلندرز کي لاڳيتي ڇهين شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ ليوڪ رونڪي جي جارحاڻي اننگز عيوض لاهور قلندرز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان سپر ليگ جي 18هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون. اوپنر اينٽون ڊيوچ 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 62 رنسن جي شانداز اننگز کيڏي، جڏهن ته فخر زمان 34 ۽ ڪپتان برينڊن ميڪيولم 33 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان فهيم اشرف بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 شڪار ڪيا. جواب ۾ مصباح اليون ليوڪ رونڪي جي بهترين اننگز عيوض 17.4 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. رونڪي 41 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 77 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته شاداب خان 32، جي پي ڊومني 21 ۽ آصف علي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان مصباح الحق 12 ۽ صاحبزادا فرحان 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا. لاهور قلندرز طرفان سنيل نارائڻ 3 وڪيٽون ورتيون. ميچ جو بهترين رانديگر ليوڪ رونڪي کي قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته لاڳيتي ڇهين ميچ ۾ شڪست کانپوءِ لاهور قلندرز جو ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پهريون ڀيرو هاڪي جو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ بيلجيئم جي ٽيم نيڌرلينڊ کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے