17 پیر , دسمبر 2018

ٽائيم اسڪيل جا اختيار ٽي اي اوز کي ڏنا وڃن

سنڌ جي استادن پاران ڪيترن سالن کان ٽائيم اسڪيل تحت سورنهون گريڊ ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر تعلقن، ضلعن، ڊويزنن ويندي صوبي جي گادي واري ھنڌ ڪراچي ۾ ڌرڻا ھنياويا،حڪومت ڳالھيون ڪري خاطريون ڪرائي احتجاج ختم ڪرائيندي رھي، پر واعدن تي عمل نه ٿيو، استادن مجبور ٿي، ڌڻي جي درگاھ کان پ، ٽ، الف سنڌ جي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو جي اڳواڻي ۾ ڊسمبر جي رت ڄمائندڙ ٿڌ ۾ ڪيترن ڏينھن جي پنڌ جنھن ۾ انھن جي پيرن ۾ پٿون پئجي ويون، قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ ڪراچي پريس ڪلب تي پھتا،

ڪيترن ڏينھن جي بک ھڙتال بعد جڏھن استادن سان مطالبن تي ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ڪو وٽن لڙي نه آيو ته استادن وزيراعليٰ ھائوس ڏانھن وڃڻ جو اعلان ڪيو، وزير اعليٰ ۽ بعد ۾ بلاول ھائوس ڏانھن ويندي استادن تي جيڪو سنڌ پوليس رويو اختيار ڪيو اھو سڀ جي آڏو آھي، ان سموري مشق دوران استادن ھمٿ نه ھاري ۽ نيٺ استادن کي سورنهون گريڊ ملي ويو. ان وچ ۾ پ، ٽ، الف جو ٻيو گروپ صرف معمولي مسئلن تي سکر ۾ ڊائريڪٽر خلاف احتجاج جي مشق ۾ مشغول رھيو، سرڪار نوٽيفڪيشن ھٿ ۾ نه ملڻ واري ھوڏ تان نه لھڻ ڪري حاجي شفيع محمد سٺيو جي جدوجھد جو ڪريڊٽ ٻئي گروپ کي نوٽيفڪيشن ذريعي ڏئي ڇڏيو،

اھڙي عمل حاجي شفيع محمد سٺيو جو قد ڪاٺ اڃان به استادن ۾ وڌائي ڇڏيو، سورھن گريڊ جو نوٽيفڪيشن نڪرڻ بعد استاد تنظيمن جا اڳواڻ جن استادن جا مسئلا بنا ڪنھن لوڀ لالچ جي حل ڪرائڻ جو قسم کنيو ھو اھي پنجويھه سال سروس پوري ڪندڙ استادن وٽ در، در وڃي سروس بوڪ وٺڻ لڳا، ان وچ ۾ سڄي سنڌ مان اھي خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون زينت بڻيون ته استادن کان پنج کان اٺ ھزار رپيا ورتا پيا وڃن، انڪار ڪندڙ استادن جون اي، سي، آرز، نوڊيوز ۽ نوانڪوائريز سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان واسطيدار، ٽي، اي، اوز کي روڪيو پيو وڃي ۽ استادن کي به ھراسان ڪيو پيو وڃي، اھڙين خبرن جي شايع ٿيڻ بعد ڪجھه نرمي ٿي ،

ھنيئر به اطلاع آھن ته ڪجھه ضلعن ۾ استادن کان ٽي ھزار ۽ ڪجھه ضلعن۾ پنج ھزار رپيا ورتا پيا وڃن، سنڌ ۾ پرائمري استادن کي ٽائيم اسڪيل سورھن گريڊ ڏيڻ وقت اھي خبر رپورٽ ٿي ھئي ته تقريبن پنجيتاليھه ھزار استاد سورھين گريڊ ۾ ايندا، جن کان پر ٽي ھزار رپيا في استاد ورتا ويا ھجن ته اھا رقم تيرھن ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ ٿئي ٿي، جيڪا غريب ۽ ٻچڙيوال استادن جي جيب مان نڪري ٻين جي جيب ۾ ھلي وئي، ماضي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن کي موواور تحت پندرھن گريڊ تائين وڃڻو پوندو ھو، جن کي مواور آرڊر لاءِ  مٿين آفسيرن ڏانھن نه وڃڻو پوندو ھو، ان استاد کي ان وقت جو سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر آرڊر جاري ڪندو ھو ان سان استادن جو وقت به بچندو ھوخرچ به نه ٿيندو ھو، ٽائيم اسڪيل تحت به هنو ڊيوز، نوانڪواريز، اي،سي، آرز، آرڊر بعد سروس بوڪ ۾ اينٽري اضافي پگھار لاءِ فارم ٽو به واسطيدار ٽي، اي، اوز ڪري ٿو ته باقي خالي آرڊر لاءِ استادن کي ڊائريڪٽر آفيس تائين ڇو ٿو موڪليو وڃي، ان لاءِ منھنجي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ،سنڌ جي وزير تعليم ڄام مھتاب حسين ڏھر سيڪريٽري تعليم کي گذارش آھي ته ٽائيم اسڪيل جا اختيار ٽي،اي،اوز کي ڏنا وڃن ت جيئن استادن کي ٽائيم اسڪيل بر وقت ملي سگھي ۽ غريب استاد اڳواڻن جي من مستي کان بچي سگھن.

اشتياق پنهيار/بوزدار وڏا

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے