19 جمعہ , اکتوبر 2018

پي آءِ اي جو فلائيٽ اسٽيورڊ منشيات رکڻ جي الزام ۾ فرانس مان  گرفتار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ايئر لائن جي فلائيٽ اسٽيورڊ تنوير گلزار کي منشيات رکڻ جي الزام ۾ پئرس مان گرفتار ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 749 جي فلائيٽ اسٽيورڊ تنوير گلزار کي فرانسيسي اختيارين منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. پي آءِ اي جي ترجمان موجب پي آءِ اي جي اڏام اسلام آباد مان پئرس پهتي ته فرانسيسي اختيارين جهڙتي دوران تنوير گلزار کي منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو پر فرانسيسي اختيارين اهو نه ٻڌايو آهي ته ڪيتري منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب سيڪيورٽي چيڪنگ پي آءِ اي جي ذميواري نه هوندي آهي، سوال اهو آهي ته تنوير سيڪيورٽي مرحلن مان گذري منشيات کي جهاز ۾ ڪيئن پهچايو. ترجمان موجب فلائيٽ اسٽيورڊ خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪندي کيس شروعاتي طور معطل ڪيو ويو آهي پر الزام ثابت ٿيڻ تي کيس نوڪريءَ مان ڪڍي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ هٿرادو اضافو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن هٿرادو ڀاڙن ۾ واڌ ڪري شهرين کان ڦرلٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے